ڏکڻ آفريقا جو پلاند، ٻي ون ڊي ۾ ڀارت کي 4 وڪيٽن تان شڪست

راجپور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا ڀارت کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي.
راجپور ۾ ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ ڪئي ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم ويرات ڪوهلي ۽ رتوراج گائڪواڊ جي سينچرين جي مدد سان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 358 رنسون ٺاهيون.
گائڪواڊ 105 ۽ ڪوهلي 102 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان ڪي ايل راهول 66 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريقا طرفان مارڪو جينسن 2، ناندري برگر ۽ لنگي نگيڊي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڏکڻ آفريقا گهربل هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 49.2 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
ايڊن مارڪرم 110 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، بريٽزڪي 68، بريوس 54، ڪپتان ٽيمبا باووما 46، ڪوربن بوش 26 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان ارشديپ سنگهه ۽ ڪرشنا 2-2، هرشت رانا ۽ ڪلديپ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ٻنهي ٽيمن ۾ آخري ون ڊي ميچ 6 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.