ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي نيپا چورنگي واقعي تي 5 لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪيو ويو.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ نيپا چورنگي واقعي تي اجلاس ٿيو، مراد علي شاهه چيو ته ٻار جي فوت ٿيڻ تي دلي افسوس آهي، جنهن جي به ڪوتاهي آهي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هڪٻئي تي ذميواري لاڳو ڪرڻ افسوسناڪ آهي.
ذريعن موجب مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪيو وڃي، چيف سيڪريٽري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري.
وڏي وزير جي هدايت تي مڪاني ادارن واري کاتي بلديا عظميٰ ڪراچي جي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز عمران راجپوت کي معطل ڪري ڇڏيو.
ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گلشن اقبال جي اسسٽنٽ انجنيئر راشد فياض ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر وقار احمد کي به معطل ڪيو ويو آهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر گلشن اقبال عامر علي شاهه ۽ مختيارڪار گلشن اقبال سلمان فارسي کي به معطل ڪيو ويو.
You might also like