پاڪستان جو انساني بنيادن تي طورخم ۽ چمن بارڊر کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) واپار واري وزارت انساني بنيادن تي طورخم ۽ چمن واپاري لنگهه کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي وزارت سان مشاورت کانپوءِ اهو قدم پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گذريل 50 ڏينهن کان واپاري لنگهه بند هجڻ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ غذائي شين ۽ دوائن جي کوٽ سبب کنيو ويو آهي ته جيئن افغان عوام جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن.
واپار واري وزارت ميمبر ڪسٽمز (آپريشنز) ايف بي آر اسلام آباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ٽرانزٽ ٽريڊ ڪراچي ايف بي آر کي ليٽر لکيو آهي، جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته انساني همدردي جي بنياد تي گڏيل قومن جي افغانستان لاءِ موڪليل ڪارگو جي اچ وڃ ۾ سهولت فراهم ڪيو.
خط موجب پرڏيهي وزارت سان مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته يونيسيف، ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ يونائيٽيڊ نيشن پاپوليشن فنڊ جي ڪنٽينرز جي مرحلي وار ڪليئرنس ڪئي وڃي.
پهرئين مرحلي ۾ افغانستان خوراڪ جو سامان کڻي ويندڙ ڪنٽينرز، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ دوائون ۽ طبي سامان کڻي ويندڙ ڪنٽينرن کي ڪليئرنس ڏني وڃي، ٽئين مرحلي ۾ ٻيون ضروري شيون (شاگردن ۽ استادن لاءِ ڪٽ وغيرا) جي ڪنٽينرز کي ڪليئر ڪرڻو پوندو.
ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو کي درخواست ڪئي وئي آهي ته انهن ڪنٽينرن جي ڪليئرنس ۽ اڳتي پهچ لاءِ ضروري ڪارروائي ڪيو ته جيئن اهي چمن ۽ طورخم رستي موڪلي سگهجن.
واضح رهي ته افغانستان سان ڇڪتاڻ سبب 12 آڪٽوبر 2025 کان سمورا واپاري لنگهه هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.