قائدِ اعظم جي ڏوهٽي جي پوٽيءَ پئرس”ڊيبوٽنٽ بال“ کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس جي راڄڌاني پئرس ۾ ٿيل ”ڊيبوٽنٽ بال“ ۾ پاڪستان جي باني قائدِ اعظم محمد علي جناح جي ڏوهٽي جي پوٽي ايلا واڊيا سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
ڊيبوٽنٽ بال جي شاندار تقريب هر سال جيان پئرس جي ان هوٽل ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ شهزادو رولينڊ بوناپارٽ رهندو هو.
لي بال ۾ دنيا جي مشهور خاندانن جي 21 سالن کان گهٽ عمر واري رڳو 20 عورتن کي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ هن سال حقيقي شهزادين، ارب پتي ڪٽنبن، هالي ووڊ شخصيتن ۽ اُڀرندڙ ٽيلنٽ وچ ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪندڙ ايلا واڊيا سڀني جي نگاهن جو مرڪز رهي.
ايلا جي بال ۾ موجودگي سندس خانداني پس منظر سبب سڀني جي دلچسپي جو ڪارڻ رهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي اڪيلي نياڻي دينا واڊيا سان تعلق رکي ٿي، جنهن مشهور پارسي واڊيا خاندان جي نيويل واڊيا سان شادي ڪئي هئي.
دينا ۽ نيويل جي پٽ نسلي واڊيا ڀارتي ڪاروباري دنيا ۾ هڪ اهم شخصيت ۽ واڊيا گروپ جو چيئرمين آهي، جنهن جا ٻه پٽ جهانگير واڊيا ۽ نس واڊيا آهن، ۽ ايلا واڊيا جهانگير واڊيا ۽ فيشن ڊيزائنر سيلينا واڊيا جي ڌيءُ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.