اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ معذور ماڻهن کي شامل ڪرڻ جو اهم قدم کنيو ويو آهي.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد معذورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته اهي ماڻهو اسان جي معاشري ۾ احترام لائق ۽ اهم حصو آهن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي موقعن تائين برابر هچ هر معذور جو بنيادي حق آهي.
هن چيو ته بي آءِ ايس پي ترجيحي بنيادن تي معذور ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سرگرم آهي، انهن ماڻهن لاءِ باعزت ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ اسان جو سماجي ۽ اخلاقي فرض آهي.
سندس چوڻ هو ته بي آءِ ايس پي معذور ماڻهن جي پروگرام ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پي ايم ٽي اسڪور جي حد کي 32 مان وڌائي 37 ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like