ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي روين تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته موجوده دور ۾ تجسس پسندي انساني احساسن ۽ اخلاقيات کي سخت نقصان پهچائي رهي آهي.
”وي ڊي وومين 2025“ ايونٽ دوران ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته سندس ماءُ، ليجنڊري اداڪارا سري ديوي جي وفات کي به غير سنجيده انداز ۾ بحث جو موضوع بڻائي ”ميم“ طور پيش ڪيو ويو.
جهانوي ڪپور چيو ته پنهنجي ماءُ جي موت بابت مان عوامي سطح تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪندي آهيان، ڇو ته کيس ڊپ ٿئي ٿو ته ماڻهو ان کي به هيڊ لائن لاءِ استعمال ڪندا.
هن چيو ته سري ديوي جي 2018 ۾ وفات سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ذاتي ۽ ڌوڏيندڙ تجربو هو، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي.
سندس چوڻ هو ته صحافت، ميڊيا ڪلچر ۽ اڄوڪي سوشل ميڊيا جي تجسس پسندي انساني اخلاقيات کي مڪمل طور پٽڙي تان لاهي ڇڏيو آهي ۽ اهو لاڙو وڌندو پيو وڃي.
هن چيو ته ماءُ جو وڇوڙو هن لاءِ ڏاڍو ڀوائتو وقت هو، هوءَ نٿي ڄاڻي ته ماڻهو تصور به ڪري سگهن ٿا ته پنهنجي ويجهي عزيز جو وڇوڙو ڪيئن هوندو آهي ۽ پوءِ ان عمل تي ميم ٺهندي ڏسڻ، سمجهه نه ٿو اچي ته ڪيئن بيان ڪريان، پر صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.
ميڊيا ماءُ جي موت کي ميم بڻايو، ريٽنگ جي چڪر ۾ اخلاقيات کي نقصان رسي رهيو آهي: جهانوي ڪپور
You might also like