دفاعي چيمپيئن ڀارت آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ نئين ڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏي

رائپور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ دفاعي چيمپيئن ڀارت پنهنجي نئين ڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏي.
رائپور ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ جاري ٻي ون ڊي ميچ دوران بي سي سي آءِ طرفان ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڪٽ متعارف ڪرائي.
دفاعي چيمپيئن طرفان ڪٽ جي مهورتي 2024ع واري عالمي ڪپ جي فاتح ڪپتان روهت شرما ڪئي، جڏهن ته هن موقعي تي نوجوان بيٽر تلڪ ورما ۽ بورڊ عهديدار پڻ موجود هئا.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزباني هيٺ 7 فيبروري کان 8 مارچ 2026 تائين کيڏيو ويندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون ست مختلف وينيوز تي ٿينديون، جن ۾ چنائي، نئين دهلي، ڪولڪتا، ممبئي، احمد آباد، ڪولمبو ۽ ڪينڊي شامل آهن.
عالمي ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ويهه ٽيمن کي چئن مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، گذريل فارميٽ جيان هر گروپ مان ٽاپ 2 ٽيمون سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
سپر 8 مرحلي ۾ 8 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو ۽ ٻنهي گروپن مان ٽاپ ٻه سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
گروپ ۾ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، آمريڪا، نيڌرلينڊز ۽ نميبيا شامل آهن، گروپ بي ۾ آسٽريليا، سريلنڪا، آئرلينڊ، زمبابوي ۽ عمان رکيو ويو آهي.
گروپ سي ۾ انگلينڊ، ويسٽ انڊيز، بنگلاديش، نيپال ۽ اٽلي شامل آهن، جڏهن ته نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، افغانستان، ڪئناڊا ۽ يو اي اي گروپ ڊي جو حصو آهن.
شيڊيول موجب، عالمي ڪپ جو سڀ کان وڏو ميچ يعني پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ ٿيندو.
ٽورنامينٽ جو فائنل احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو، پر جيڪڏهن پاڪستان فائنل ۾ پهتو ته فائنل ڪولمبو ۾ ٿي سگهندو.
سيمي فائنلز لاءِ ممبئي ۽ ڪولڪتا کي چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پهچڻ جي صورت ۾ سيمي فائنل ڪولمبو ۾ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.