ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ اڄ به سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون هڪ هزار رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 43 هزار 162 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 858 رپين جي لاٿ سان 3 لک 79 هزار 939 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 10 ڊالر گهتتان سان 4208 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به في تولي سون جي اگهه ۾ 2700 رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
You might also like