هارڊ اسٽيٽ رڳو غريبن لاءِ آهي،اشرافيه هٿان ڪيستائين ماڻهو مرندا رهندا؟ \سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)اسلام آباد ۾ جج جي پٽ جي گاڏي هيٺيان ٻن نوجوان نارين جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل آهي، صحافي ابصار عالم لکيو ته جج جو نالو محمد آصف آهي، تازو ئي ڪوئيٽا مان ٽرانسفر ٿي آيو آهي،ڪجهه به نه ٿيندو،هي هارڊ اسٽيٽ رڳو غريبن لاءِ اهي،عبدالوحيد مراد لکيو ته اسلام آباد سيف سٽي جي ڪئميرائن جي وڊيو اڃا تائين ڇو ناهي ته جج جي پٽ جي گاڏي سان حادثو ڪيئن پيش آيو؟شهزاد لکيو ته قانوني ڪارروائي ته جيڪا ٿيندي سو ٿيندي، پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد آصف کي گهرجي ته پنهنجي نابالغ پٽ پاران گاڏي هلايو ٻن ڇوڪرين کي مارڻ جي واقعي تي فوري طور اخلاقي بنيادن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. والد طور قانون تي عمل ڪرائڻ سندن ذميواري هئي، هاڻي هو جج رهڻ جو اخلاقي جواز نٿو رکي.صحافي مريم نواز لکيو ته اسلام آباد ۾ ثمرين حسين (عمر 26 سال) ۽ تابنده بتول (عمر 27 سال) کي هڪ نابالغ ڇوڪري لينڊ ڪروزر گاڏي هلائي رات هڪ وڳي ڏهه منٽن تي لتاڙي ڇڏيو!پوليس ايف آءِ آر ۾ ڪار سوار بابت ڪا به تفصيل شامل نه ڪئي آهي. 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ڪار سوار ته پوليس حوالي ڪيو ويو، پر پوليس جي مطابق نه انهن کي سندس نالو معلوم آهي، نه سڃاڻپ ڪارڊ، ۽ نه ئي ڊرائيونگ لائسنس!عابد ڌيريوال لکيو ته جج فوتي نارين جي وارثن تي صلح صفائي لاءِ وڏو دٻاءُ وجهي رهيو آهي. هاڻي سول سوسائٽي کي اهو ڪيس ٽيڪ اپ ڪرڻو پوندو.شهيد صحافي ارشد شريف جي بيواهه جويريا صديق الزام ڇوڪري تان هٽائي ڊرائيور تي وڌو ويندو، يا پوءِ قصور انهن معصوم ڇوڪرين جو ئي ڪڍيو ويندو. يا لواحقين کي ديت ڏئي يا  ڊيڄاري ڌمڪائي چپ ڪرائي ڇڏيندا. ان کان علاوه ڪجهه به نه ٿيندو.صحافي ناديا مرزا لکيو ته عوام ڪيستائين ڪيڙن ماڪوڙن وانگر مرندو رهندو،آر اي چوڌري لکيو ته هن ملڪ ۾ “اشرافيه جي ذهنِيَت” تبديل ڪرڻ ۽ انهن کي سبق سيکارڻ لاءِ هن ڪيس کي ئي “مثال” بڻايو وڃي،ڪامران واحد لکيو ته اڄڪلھه تازو نئون قانون آهي ته 18 سال کان گهٽ عمر وارا ٻار يا اهي ڇوڪرا جن وٽ ڊرائيونگ لائسنس ناهي، جيڪڏهن پڪڙيا وڃن ته سندن خلاف نه، پر والد جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. رات جو سينئر جج جي پٽ جي گاڏي ٽڪر سبب ٻن ڇوڪرين کي ماريو، پٽ وٽ نه سڃاڻپ ڪارڊ هو نه لائسنس. ته ڇا هن تازو نئين قانون مطابق ڪيس به ڇوڪري جي والد يعني سينئر جج محمد آصف جي خلاف داخل ٿيندو يا صرف عام ماڻهن لاءِ هي قانون آهي؟امجد خان لکيو ته پوليس جسٽس محمد آصف جي پٽ کي بچائڻ لاءِ عدالت ۾ سڃاڻپ ڪارڊ پيش نه ڪيو، ڪارڊ تي واضح لکيل آهي ته ملزم انڊر ايج آهي، لائسنس ٺهي به نه سگهي ٿو. هي سڌو سڌو قتل جو ڪيس آهي، 302 لاڳو ٿئي ٿي.احسن وحيد لکيو ته انصاف جي مسند تي ويٺل جسٽس محمد آصف ڇا پنهنجي پٽ جي گاڏي هيٺ ايندڙ ٻن ڇوڪرين کي انصاف ڏيندو؟ ڇا اهي ٻڌائيندا ته ڪهڙي بنياد تي پنهنجو نابالغ پٽ بنا لائسنس گاڏي هلايو؟صحافي اسد علي طور لکيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان امپورٽ ٿيل جسٽس آصف جي پٽ جو ڪارنامو آهي،عثمان بٽ لکيو ته عام شهرين جون تصويرون پنهنجن پيج تي اپلوڊ ڪندڙ اسلام آباد پوليس جو نيٽ پيڪيج ختم،ٽڪ ٽاڪر آفيسر پڻ خاموش آهن،صحافي ماهه پارا صفدر لکيو ته منهنجي نظر ۾ ٻار کان وڌيڪ ان جا والدين مجرم آهن، جن پنهنجو ٻار کي گاڏي هلائڻ ڏني،صحافي زاهد گشڪوري لکيو ته هڪ طاقتور جج جي دادلي  پٽ پارليامينٽ کان چند سو ميٽر پري رات جو ٻن نوجوان ڇوڪرين کي لتاڙي ڇڏيو.والدين انصاف جا طلبگار آهن،جي يو پي اڳواڻ شاهه اويس نوراني لکيو ته پاڪستان جي اشرافيه جي انڌي طاقت.اسلام آباد جي رستن تي جج جو ٻار ماڻهن جي ڌيئرن جو قيمو بڻائي نڪري ويو

  1. لينڊ ڪروزر جي ٽڪر ۾ ٻن نارين جو موت: جج جي پٽ جو جسماني رمانڊ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد آصف جي نابالغ پٽ کي تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ ٻن نوجوانڇوڪرين جي موت جي ڪيس ۾ جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي. اهو حادثو سومر جي رات پي اين سي اي ويجهو پيش آيو جتي اسڪوٽي تي سوار ٻه ڇوڪريون موقعي تي ئي فوت ٿي ويون، جڏهن ته گاڏي موقعي تان فرار ٿي وئي.  پوليس گاڏي جي رجسٽريشن نمبر جي مدد سان هڪ خانگي اسپتال مان جوابدار کي حراست ۾ ورتو، سندس طبي ۽ فارنزڪ نمونا حاصل ڪيا ويا ۽ گاڏي کي تحويل ۾ ورتو ويو. ڪيس ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جا سيڪشن 279، 322 ۽ 427 شامل ڪيا ويا. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته وڌيڪ ثبوتن، گاڏي جي معائني ۽ اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن لاءِ ريمانڊ گهربل آهي. لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ پمز منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ حادثي بابت لاڳاپيل رخن جي جاچ ڪري رهي آهي. اسلام آباد پوليس موجب، جوابدار اسنيپ چيٽ وڊيو ٺاهي رهيو هو ته سندس گاڏي اسڪوٽي کي ٽڪر هنيو.

  1. ٻن ڄڻن کي چيڀاٽيندڙ جج جي ڌيءُ کي بري ڪيو ويو هو!

اسلام آباد (بيورو) 2022 ۾ اسلام آباد ۾ هڪ هٽ اينڊ رن ڪيس ۾، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جي ڌيءَ جي گاڏي ايڪسپريس وي تي ٻن ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو، پر ڪيس جي جاچ رڪجي وئي. عدالتي رڪارڊ موجب، 8 جون تي، شڪيل تنولي ۽ سندس ساٿي حسنين علي راتجو گهر وڃي رهيا هئا ته انهن کي هڪ گاڏي ٽڪر هنيو. جولاءِ 2024 ۾، اسلام آباد پوليس جي انسپيڪٽر جنرل علي ناصر رضوي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته هٽ اينڊ رن ڪيس ۾ شامل گاڏي هڪ عورت هلائي رهي هئي ۽ گاڏي سپريم ڪورٽ جي جج ملڪ شهزاد احمد جي استعمال هيٺ هئي. انهيءَ سال فيبروري ۾، اسلام آباد جي هڪ مقامي عدالت سپريم ڪورٽ جي جج جي ڌيءَ شانزي ملڪ کي بري ڪري ڇڏيو. فيصلو جوڊيشل مئجسٽريٽ عدنان يوسف ڏنو، جنهن جوابدارن جي وڪيلن پاران داخل ڪيل بريت جي درخواست کي قبول ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.