ٻاونجاهه سالن کان هڪ ئي ماڻهو سان گڏ آهيان، ان کان وڌيڪ پيار نٿي ڪري سگهان: جيا بچن

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ۽ سياستدان جيا بچن پنهنجي هڪ تازي انٽرويو سبب سرخين ۾ آهي، جنهن ۾ هن شادي ۽ ذاتي زندگي بابت بي باڪي سان ويچار ونڊيندي چيو آهي ته شادي جو تصور هاڻي پراڻو ٿي چڪو آهي.
جيا بچن کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا سندس مڙس امتياڀ بچن به شادي بابت اهڙا خيال رکي ٿو ته جيا بچن جواب ڏنو ته ” مان کائنس ناهي پڇيو، هو شايد چئي ته منهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي غلطي هئي، پر مان اهو نٿي ٻڌڻ چاهيان.“
اداڪارا جو اهو بيان سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن تي واهپيدار مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
شادي تي تنقيدي راءِ رکڻ باوجود جيا بچن اعتراف ڪيو ته اميتاڀ بچن هن لاءِ ” پهرين نظر “ واري محبت آهي.
هن مرڪندي چيو ته ” ڇا توهان لاءِ پراڻن ڦٽن کي ڇيڙڻ ۾ ضروري آهي؟ مان ٻاونجاهه سالن کان ساڳئي ماڻهو سان گڏ آهيان، ان کان وڌيڪ پيار نٿي ڪري سگهان.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.