اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي تخت گاهه ۾ شاهراهه دستور تي گذريل رات اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج محمد آصف جي ننڍي عمر جي پٽ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ اسڪوٽي تي سوار ٻه ڇوڪريون فوت ٿي ويون.
جوابدار کي اڱاري ڏينهن اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت سندس 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
فريادي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حادثي وقت جوابدار سنيپ چيٽ وڊيو ٺاهي رهيو هو، سيڪريٽريٽ چوڪ ڀرسان جج محمد آصف جي 16 ورهين جي پٽ مبينا طور وي – 8 لينڊ ڪروزر کي ڊرفٽنگ ڪندي اسڪوٽي تي گهر ويندڙ ٻن ڇوڪرين کي ٽڪر هنيو، ابوذر وٽ ڊرائيونگ لائسنس به نه هو، جڏهن ته گرفتاري کان اڳ هن پنهنجي موبائل فون گم ڪري ڇڏي.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل آهي، هڪ ڇوڪري پاڪتسان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ڪورس ڪري رهي هئي، جڏهن ته ٻي اتي ملازم هئي، ٻئي رات جو ڊيوٽي ختم ڪرڻ کانپوءِ گهر وڃي رهيون هيون.
فريادي موجب موبائل فون برآمد ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن حادثي کان اڳ ٺاهيل وڊيو ڏسي سگهجي، جوابدار جي حقيقي عمر ڄاڻڻ لاءِ سڃاڻپ دستاويز ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ به ضروري آهي، جڏهن ته اهو ڄاڻڻ به ضروري آهي ته واقعي وقت هو اڪيلو هو يا ان سان گڏ ٻيو ڪو به موجود هو.
ايف آءِ آر فوتي ناري ثمرين جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڀاءُ ارسلان، کنا پل تي ڀيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو ته ڪال وصول ٿي ته سيڪريٽريٽ ڀرسان توهان جي ڀيڻ جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، ٻنهي نارين کي پمز اسپتال نيو ويو پر نه بچي سگهيون.
You might also like