ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ نوجوان کي قتل ڪندڙ ڦورو کي شهرين ٿنڀي سان ٻڌي جيئرو ساڙي ڇڏيو.
اورنگي ٽائون سيڪٽر 7 بلوچ ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن گولي هڻي عبدالحنان نالي شخص کي قتل ڪيو، جنهن کانپوءِ ڦورو فرار ٿيڻ لڳا ته هڪ کي شهرين سوگهو ڪري ورتو.
مڇريل ماڻهن ڦورو کي بجلي جي ٿنڀي سان ٻڌي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ پيٽرول هاري کيس باهه ڏئي ڇڏي.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڦورو دانهون ڪندو رهيو پر مڇريل ماڻهن سندس هڪ نه ٻڌي، اطلاع تي پوليس پهچي باهه وسائي پر تيستائين ڦورو دم ڏئي چڪو هو، جنهن جي سڃاڻپ ساجد طور ٿي آهي.
پوليس اختيارين غفلت تي ايس ايڇ اورنگي ٽائون کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي نوجوان قتل، مڇريل ماڻهن ڦورو کي ٿنڀي سان ٻڌي جيئرو ساڙي ڇڏيو
Next Post
You might also like