27هين ترميم ۾ ڪيل غلطيون سڌاري آئين کي درست ڪيو وڃي: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 27هين ترميم ۾ ڪيل غلطيون سڌاري آئين کي درست ڪيو وڃي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ هڪ اهڙو فورم آهي، جتي اسان مشاورت سان معاملا طئي ڪندا آهيون، ڪوشش ڪئي وڃي ته آئين تڪراري نه بڻجي پر 27هين ترميم تڪراري ٿي وئي، 1973ع ۾ ڀٽو اڪثريت باوجود ڳالهيون ڪيون هيون.
هن چيو ته 27هين ترميم لاءِ جمهوري گهرجون پوريون نه ٿي سگهيون، سياست لحاظ سان هلڪڙائپ جو مظاهرو ڪيو ويو، ڪجهه مراعتون اهڙين شخصيتن کي ڏنيون ويون، جنهن سان طبقاتي فرق پيدا ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.