سون جي اگهه ۾ زبردست لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي.
عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون کي ريورس گيئر لڳي ويو، 2700 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 4 لک 44 هزار 162 رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون 2315 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 80 هزار 797 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 27 ڊالر گهٽجڻ سان 4218 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.