لاهور (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن کان اها خبر گردش ڪري رهي آهي ته مشهور ٽرانس جنسڊ ڊانسر ۽ ٽڪ ٽاڪر مهڪ ملڪ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي نئين فيصل آباد فرنچائز خريد ڪري ورتي آهي ۽ مبينا طور تي پي ايس ايل ٽيم جي پهرين ٽرانس جينڊر مالڪ بڻجي ويئي آهي.
واهپيدارن اها خبر وڏي انگ ۾ شيئر ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو ان کي سماجي تبديلي طور پيش ڪري رهيا آهن.
آن لائن پوسٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مهڪ ملڪ فيصل آباد جي نئين پي ايس ايل ٽيم جا مالڪاڻا حق حاصل ڪري ورتا آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن موجب، مهڪ ملڪ پنهنجي ”شهرت ۽ نوجوانن ۾ مقبوليت“ فرنچائز لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي ۽ پي ايس ايل انتظاميا ان اڳڀرائي جو آجيان ڪري رهي آهي.
ڪجهه پوسٽن ۾ مهڪ ملڪ طرفان پي ايس ايل فرنچائز خريدڻ کي ”پاڪستان ۾ راندين جي شعبي ۾ صنفي شموليت جو وڏو مثال“ قرار ڏنو ويو آهي.
پر اڃا تائين پاڪستان سپر ليگ اختيارين طرفان اهڙي قسم جي خبرن جي تصديق نه ڪئي وئي آهي.
پي ايس ايل انتظاميا طرفان مهڪ ملڪ جي ڪنهن فرنچائز خريدڻ جو باضابطا بيان ناهي آيو، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به اهڙين خبرن تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو.
پي سي بي ۽ پي ايس ايل انتظاميا جي خاموشي ظاهر ڪري ٿي ته مهڪ ملڪ طرفان فرنچائز خريدڻ وارين دعوائن ۾ ڪا به سچائي نه آهي.
واضح رهي ته افواهن ان وقت زور ورتو جڏهن پي سي بي اعلان ڪيو ته پاڪستان سپر ليگ جي 11 هين سيزن ۾ ٻه نيون ٽيمون شامل ڪيون وينديون، جنهن کانپوءِ ايندڙ ايڊيشن ۾ ڇهه بدران اٺ ٽيمون ايڪشن ۾ هونديون.
You might also like