گلين ميڪسويل جو به آءِ پي ايل نه کيڏڻ جو اعلان

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گلين ميڪسويل انسٽاگرام تي آءِ پي ايل کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
پنهنجي پوسٽ ۾ آل رائونڊر لکيو ته ”ڪيئي يادگار سيزن کانپوءِ آءِ پي ايل نيلامي ۾ نالو نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، خوش نصيب آهيان جو ڪيئي ورلڊ ڪلاس رانديگرن سان گڏ کيڏڻ جو موقعو مليو.“
گلين ميڪسويل چيو ته مان آءِ پي ايل ڪيريئر دوران ملندڙ سپورٽ تي سڀني جو ٿورائتو آهيان.
واضح رهي ته ان کان اڳ اڳوڻو ڏکڻ آفريقي ڪپتان فاف ڊوپليسي ۽ انگلش آل رائونڊر معين علي به آءِ پي ايل نه کيڏڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن، ٻئي ڪرڪيٽر هن ڀيري پاڪستان سپر ليگ ۾ حصو وٺندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.