ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير جا سينيئر بيٽرن ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما سان اختلاف وڌي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، مقامي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير جا ٻنهي سينيئر ڪرڪيٽرن سان معاملا شدت اختيار ڪري ويا آهن.
هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي ون ڊي ٽيم جي ڊريسنگ روم جو ماحول هن وقت سخت دٻاءُ هيٺ آهي، آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ ٻنهي سينيئر رانديگرن جي واپسي ٽيم جي ماحول ۾ اُها گرمجوشي واپس نه آڻي سگهي جيڪا ٽيسٽ سيريز دوران ڏٺي وئي هئي.
ٽيم جي هيڊ گوتم گمڀير ۽ ٻنهي سينيئر رانديگرن وچ ۾ اعتماد ۽ ڳالهه ٻولهه جو فقدان آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوهلي ۽ روهت طرفان اوچتو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ واري فيصلي کانپوءِ ڪوچ ۽ سينيئر رانديگرن ۾ اختلاف وڌيا.
آسٽريليا خلاف سيريز دوران به ڪيئي اڻ وڻندڙ ڳالهيون سامهون آيون، جنهن ۾ روهت شرما ۽ چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر وچ ۾ عملي طور تي ڪو رابطو نه ٿيڻ پڻ شامل آهي.
ٻئي پاسي ڪوهلي ۽ گمڀير وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ ماٺار به صورتحال کي پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي، سينيئر رانديگر ۽ ڪوچ ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي به ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
آن لائين پليٽ فارمز تي گوتم گمڀير مٿان ٿيندڙ تنقيد صورتحال کي وڌيڪ حساس بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تي بي سي سي آءِ جا اعليٰ عملدار ناخوش آهن.
ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ دوران ٽيم مئنيجمينٽ، ڪوچ ۽ سينيئر بيٽرز وچ ۾ محدود رابطن ٽيم جي مجموعي ماحول تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.
ڀارتي ٽيم اندر اختلافن ۽ غير يقيني صورتحال کي بي سي سي آءِ مستقبل لاءِ خطري جي گهنٽي سمجهي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ هن وقت هڪ نازڪ دور مان گذري رهي آهي، جتي سينيئر بيٽرن ۽ ڪوچ وچ ۾ بهتر هم آهنگي ٽيم جي مستقبل جي ڪاميابين لاءِ اڻٽر آهي.
You might also like