سرفراز احمد پاڪستان ٽيم جو مئنيجر ۽ مينٽور مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي پاڪستان انڊر 19 ٽيم جو مئنيجر ۽ مينٽور مقرر ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اي سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ سرفراز احمد ٽيم سان گڏ سفر ڪندو.
انڊر 19 ايشيا ڪپ 12 کان 21 ڊسمبر تائين دبئي ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ فرحان يوسف ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته عثمان خان سندس نائب جون ذميواريون نڀائيندو.
ٽيم جي ٻين رانديگرن ۾ عبدالسبحان، احمد حسين، علي حسن بلوچ، علي رضا، دانيال علي خان، حمزا ظهور ۽ حذيفه احسن شامل آهن.
ان کانسواءِ مومن قمر، محمد حذيفه، محمد صيام، محمد شايان، نقاب شفيق، سمير منهاس به اسڪواڊ جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.