اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان ۾ نومبر 2025 ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 6.1 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري موجب هي اضافو سالياني بنيادن تي گذريل سال جي نومبر جي مقابلي ۾ خوراڪ، ٽرانسپورٽ، تعليم، صحت، ڪپڙن، بجلي، گيس ۽ پاڻي جي بلن تي خرچن ۾ ڏٺو ويو آهي. اداري مطابق، موجوده سال اڪٽوبر جي مقابلي ۾ به نومبر ۾ انهن خرچن ۾ اضافي سبب مهانگائي جي شرح ۾ 0.40 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اداري موجب خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ 5.53 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هائوسنگ، گيس، بجلي، پاڻي ۽ ايندھن جي خرچن ۾ 5.34 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو. صحت جي خرچن ۾ 8.30 سيڪڙو جو اضافو رهيو، جڏهن ته تعليمي خرچن ۾ 9 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن موجب نومبر 2024 جي مقابلي ۾ نومبر 2025 ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 39 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت ۾ 21.38 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، اٽي جي قيمت 14.31 سيڪڙو وڌي، گوشت جي قيمت ۾ 10.31 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ۽ کاڄرو تيل جي قيمت ۾ 8 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي. هن عرصي دوران، گيس جي قيمت ۾ 23 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. اداري مطابق مهيني ۾ ڪجهه شيون سستيون ٿيون، جن ۾ ٽماٽو، پٽاٽو، دال مسور، دال مڱ ۽ بجلي جي قيمت ۾ پڻ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
لنڊن(عوامي آواز نيوز)ناليواري دانشور ڊاڪٽر عائشه صديقا چيو آهي ته هائبرڊ نظام ته هلندو،پهرين اهو عمران خان جي صورت ۾ هو،هاڻي به جيڪڏهن شهبازشريف سان اختلاف ٿيا ته ڪو ٻيو اچي ويندو،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته ماڻهن جون سياسي قيادت کان اميدون گهٽ کان گهٽ ٿي رهيون آهن،سڀ کان وڏو سوال اهو ٿيو آهي ته پاڪستان جي معيشت نه پئي سنڀالجي،هن وقت بيروزگاري شرح بلند ترين شرح تي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ جنهن سان سٺا لاڳاپا آهن اهو آڪڙ سان هلي ٿو باقي عوام جو خراب حال آهي،سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته موجوده رجيم ۾ ڪرپشن تي ڪو به ردعمل نه پيو اچي،هن چيو ته فيلڊ مارشل چار تاج پائي يا ڏهه پائي ڇڏي،يا بادشاهه بڻجي وڃي،مسئلو اهو آهي ته توهان جي معيشت نه پئي سڌري،ڪرپشن وڌي رهي آهي،ان ۾ توهان جا ٽريلين ڊالر معيشت،ريڪوڊڪ ذريعي معاشي اڀار جون دعوائون سکڻيون لڳن ٿيون،جيڪو بکيو،اڃارو ۽ موقعن کان محروم عام ماڻهو سوال ڪري ٿو ته معيشت ڪڏهن سڌرندي؟هو هن وقت ڪاوڙيل آهي،آئون برطانيا ۾ ويٺل آهيان،هتان جي سرڪاري رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد سياسي پناهه لاءِ درخواستون ڏئي رهيا آهن،ملڪ ۾ جيڪو به ٿورو گهڻو پڙهيل لکيل آهي اهو پاڪستان مان ڀڄڻ چاهي ٿو
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)اينڪر شهزاد اقبال چيو آهي ته پوڻا ٻه سال ٿي ويا آهن سوال ته اٿندا، ڪارڪردگي تي پڇاڻو ته ٿيندو،هڪ وفاقي وزير ٻڌايو آهي ته نه ناڻي واري وزارت واعدا پورا ڪيا،نه ايس آءِ ايف سي جا واعدا پورا ٿيا،اينڪر محمد مالڪ چيو آهي ته ڪو به آزاد خيال جج هن نظام ۾ رهي ئي نٿو سگهي،هاڻي حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن ته حڪومت ۽ رياست سان اختلاف رکندڙ کي عدليه ۾ انصاف نه ملي سگهندو،هاڻي اسان ايگزيڪيٽو جي رحم ۽ ڪرم تي آهيون،هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ هن چيو ته هي نظام آڻڻ ۾ رڳو حڪومت جو ڏوهه ناهي،وڏا جج به ذميوار آهن،انهن جي دماغ ۾ نشو چڙهي ويو ته هو ئي حڪمراني پيا ڪن،انهن پنهنجي مرضي کي جاگير سمجهي فيصلا ڪيا،هن چيو ته ججن پنهنجا هٿ ته وڍرايا پر اسان جا وات به بند ڪرائي ڇڏيا،اڄ ملڪ ۾ عدل جو نظام ناهي،هاڻي جنهن وٽ طاقت آهي ان کي ٻڌو ويندو،اسان توهان ۽ عام ماڻهو کي هاڻي هن نظام جي رحم ڪرم تي جيئڻو پوندو،هن چيو ته اسان جا حڪمران شايد اهو سمجهن ٿا ته انهن کي ڪڏهن اپوزيشن ۾ ناهي اچڻو ۽ کين عدليه جي ضرورت نه پوندي، انهن جون رڙيون ته تڏهن نڪرنديون جڏهن اپوزيشن ۾ ايندا،پر عام ماڻهو جون رڙيون هاڻي روزانو نڪرنديون، تجزئي نگار محسن بيگ چيو آهي ته ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام رهي،110 وڏا صنعتي ادارا بند ٿي ويا آهن،صنعتون ٺپ ڪيون ويون آهن،هن چيو ته ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن،ڇا هي ملڪ رڳو آئيني ترميمون ڪري ئي هلڻ وارو آهي؟