سنڌ جي 28 کاتن ۾ 836 ارب رپين جون مالي بي ضابطگيون\آڊيٽر جنرل جي رپورٽ

ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار واهوچو)آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي 28 کاتن ۾ 836.43 ارب رپين جون مالي بيضابطگيون،ڪرپشن،غبن ۽گهوٻيون ٿيون آهن، رپورٽ  ۾ چيو ويو ته کاتن 97.865 ارب رپين جو رڪارڊ آڊٽ لاءِ  فراهم نه ڪيو آهي ،خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته اها رقم بنا رڪارڊ جي خرچ ڪئي وئي آهي ،1.088 ارب رپين جي ماليت جو فراڊ ڪيو ويو آهي،32.122 ارب رپيا غير قانوني ڀرتيون ڪري اها رقم خرچ ڪئي وئي آهي جيڪو غيرقانوني عمل آهي ،جڏهن ته 55.408 ارب رپين جي خريدارين ۾ بي صابطگيون ڪيون ويون آهن ، ٻئي طرف غلط طريقي ۽ غيرقانوني طريقي سان 42.101 ارب رپيا تجارتي بنيڪن ۾ اڪائونٽ کولي رقم رکي وئي جيڪو عمل سراسر غيرقانوني اهي اها رقم انهن اڪائونٽن ۾ نٿي رکي سگهجي ،اها رقم اتي رکي ڪامورن مالي فائدو حاصل ڪيو آهي ،جڏهن ته 19.406 ارب رپين جي رقم خدمتن ،سروسزجي آهي جنهن ۾ بدعنواني ڪئي وئي آهي ، رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته 012. 65  ارب رپيا ڪامورن جي  آپريشنل نااهلي ،انتظامي بدنظمي ذريعي قومي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي ، رپورٽ ۾ آڊيٽر جنرل چيو آهي ته صحت کاتي ۾ 62.5 ارب رپين جي دوائن جي خريداري جعلي ووچر ۽ خراب سروسز جي فراهمي انتظامي غفلت ذريعي اها رقم هڙپ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته تعليم کاتي ۾ 49.2 ارب رپين جي مبينه جعلي ڀرتين ،جعلي حاضرين ۽ غيرفعال اسڪولن جي تعمير تي رقم خرچ ڏيکاري غبن ڪئي وئي آهي. آبپاشي کاتي ۾ 42.9 ارب رپين جي ٽينڊرن ۾ جعلسازي ،نقلي ادائيگيون ، بنا ڪم ڪرائڻ جي ٺيڪيدارن کي اڳواٽ رقم جي ادائيگي ۽ ڪاغذن ۾ ڪم ڏيکاري اها رقم غبن ڪئي وئي. ورڪس اينڊ سروسز ۾ 58.4 ارب رپين جي لاڳت سان غيرمعياري عمارتون ،روڊ ،پلون تعمير ڪيون ويون جڏهن ته نامڪمل روڊن ۽ عمارتن لاءِ به رقم جاري ڪري مالي بي ضابطگي ڪئي وئي، زراعت کاتي ۾ 37.6 ارب رپين جي مبينه خريدارن ۾ جعلسازي ڪئي وئي جنهن ۾ ٻج ،زرعي مشينري ،ڀاڻ ۽ ٻين مدن ۾ اها رقم خرچ ڏيکاري غبن ڪئي وئي. چوپائي مال ۽ فشريز کاتي ۾ 28.3 ارب رپيا ترقياتي رٿائن تي خرچ ظاهر ڪيا ويا جڏهن ته سرزمين تي انهن جو وجود ناهي رڳو ڪاغذن ۾ رٿائون ڏيکاريون ويون آهن اها رقم هڙپ ڪئي وئي آهي. گهرو کاتي ۾ 33 ارب رپيا ٻٽيون پگهارون ، پوليس گاڏين جي تيل مرمت ، خريداري ۽ ٻين اسمن ۾ غبن ڪيا ويا آهن، انهن آفيسرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. سياحت ۽ ثقافت کاتي ۾ گورک هل اسٽيشن جي رزارٽ جي لاءِ 3 ارب رپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 17 ڪروڙ 70 لک جو رڪارڊ ميسر ئي نه ڪيو ويو اها رقم به غبن ڪئي وئي. 1238.939 ملين رپين مان هڪ سئو ملين رپين جو غلط استعال ڪيو ويو اها رقم اها غبن ڪئي وئي، ان سوڌو صوبي جي 28 کاتن ۾ مٿي ڄاڻايل رقم  ۾ بي ضابطگيون ، بدانتظامي ، بدعنواني ،رڪارڊ ۾ هيراڦيري ۽ ڪرپشن ذريعي ناڻي کي نقصان پهچايو ويو. هن پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي ته سنڌ سرڪار سڀني کاتن جي ڪامورن خلاف قانون موجب ڪارروائي عمل هيٺ آڻي ۽ اها رقم واپس ورائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.