منوڙا ۾ 2 ٻيڙيون ٽڪرائجي ويون، 2 عورتون فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪياماڙي، منوڙا کان بابا ڀٽ ويندڙ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن نتيجي ۾ ٻه عورتون فوت ٿي ويون، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، ايس ايڇ او جيڪسن راڻا خوشي محمد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڃا تائين حادثي بابت حتمي ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا پر ٻيڙي حادثي ۾ مجموعي طور 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ ٻه عورتون فوت ٿي ويون آهن، زخمين کي جناح اسپتال، سول اسپتال ۽ ٻن کي نجي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، ايس ايڇ او ٻڌايو ته شروعاتي معلومات موجب حادثو ٻه ٻيڙيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائڻ سبب پيش آيو، اطلاعن موجب ٻه عورتون فوت ٿيون آهن، جن مان هڪ جي 16 سالن جي ڇوڪري طور سڃاڻپ ٿي وئي آهي، متاثر ٿيل ماڻهو ڪياماڙي کان بابا ڀٽ شاهه ۽ منوڙا گھمڻ لاءِ آيا هئا، جڏهن ته ڪنهن پائلٽ بوٽ جي ٽڪرائڻ جا ثبوت نه مليا آهن. وڌيڪ تحقيقات جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.