صدر آصف علي زرداري جو مصر سان اقتصادي ڀائيواري تي زور

اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري ۽ مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي جي ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري، ملاقات ۾، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 77 سال پراڻي سفارتي لاڳاپن کي وسيع اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر واپار، سيڙپڪاري، توانائي، تعمير، زراعت، کاڻ کوٽڻ ۽ آئي ٽي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري کي مصري صدر عبدالفتاح السيسي جو خاص پيغام پهچايو ويو، ۽ ملاقات دوران، خطي جي مجموعي صورتحال تي بحث ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ مصري پرڏيهي وزير جي ون آن ون ملاقات پڻ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.