ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير ٽوئيٽ ڪيو آهي ته معيشيت ڪڏهن به سنڀالجي نه سگهِي. گذريل ٽن سالن ۾ بهتري نه آئي، حالتون اڄ به اوتريون خراب آهن ۽ وڌيڪ بگڙي رهيا آهن.هن چيو ته سينيئر وزير ۽ ايس آءِ ايف سي جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر جهڙا ماڻهو ڳالهائڻ شروع ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻته هاڻي حقيقت لڪايل نٿي رهي سگهي. سيڙپڪاري تمام گهٽ آهي. معاشي اوسر جي شرح به خراب آهي. بيروزگاري حد کان وڌيڪ وڌيل آهي. غربت نوان رڪارڊ ٺاهي رهي آهي. سڀ عالمي ادارا واضح طور تي گورننس جي سنگين مسئلن ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن.واحد ماڻهو جنهن کي ڪا به خبر ناهي، اهو شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا جا ساٿي آهن.سوشل ميڊيا صارف احمد وڙائچ لکيو ته قائد نواز شريف ٻڌايو ته ملڪ ٽيڪ آف ڪري ويو آهي، جڏهن ته ٻي طرف ايس آءِ ايف سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد چئي رهيو آهي ته ته مالي حالت جو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جا گورنر جميل احمد چوي ٿو ته موجوده معاشي ماڊل آبادي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي قابل ئي ناهي، حڪومت وٽ خرچن تي ڪنٽرول ڪونهي. توانائي جي مشير محمد علي ٻڌايو آهي ته گورننس جا مسئلا سيڙپڪارَن جي اعتماد ۾ گهٽتائي جو بنيادي سبب آهن.شهباز شريف جي حڪومت ۽ سندس ساٿي 3 سال ۽ 8 مهينن کان آخر ڪري ڇا رهيا آهن؟ اهو ڪهڙو ٽيڪ آف آهي؟