ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي انساني آبادي کي ننڌڻڪو ڪيو ويو آهي:امداد قاضي

گهوٽڪي(ت ر)ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو آهي ته سنڌي سماج  جون حالتون بدلائڻ لاءِ ڪو معجزو ڪو نه ٿيندو، اسانجي مسئلن جو حل نه گوريلا جنگ ۾ آهي، نه اڪيلي سر وڙهي سگهون ٿا، صرف عوام جو اسٽريٽ پاور ئي مالياتي سامراج جي غلامي مان جان ڇڏائي سگهي ٿو، اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پريس ڪلب گهوٽڪي ۾ ڪامريڊ مانڌل شر، ستار گهوٽو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ منعقد ڪيل جيڪو کيڙي سو کائي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف هاري ڪانفرنس ۾ صدارتي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته عالمي سامراج بيٺڪيت ۽ جديد بيٺڪيت بعد هن وقت سموري دنيا کي مالياتي بيٺڪيت ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، جيڪي  به خوشحال علائقا آهن، انهن کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي ڪري انساني آبادي کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي قوم پرست، ترقي پسند لبرل ۽ کاٻي ڌر جي قوتن جي اتحاد کانسواءِ ڪو چاڙهو نظر نٿو اچي، هن ڪامريڊ مانڌل شر ۽ ستار گهوٽو جي جدوجهد تي کين خراج تحسين پيش ڪيو، انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاهد دايو ڳالهائيندي چيو ته جنهن نموني اسان جي سنڌي سماج ۾ بربادي جو سج اڀري ٿو خبر ناهي انهي حساب سان جنگ ۽ جدوجهد ڇو نٿي ٿئي، شايد مفاد پرستي جي ڪري اسان جو شعور ڪمزور ڪيو ويو آهي، مانڌل شر جي نياڻي ڪامريڊ زرقا شر خطاب ڪندي ڪامريڊ مانڌل شر ۽ ستار گهوٽي جي بهادري ۽ جدوجهد تي روشني وڌي، خاص طرح ماڙي گيس ڪمپني، جاگيردارن، ڀوتارن سان ٽڪر ۽ عظيم جدوجهد قابل ذڪر آهن، عورتن جي آزادي، تعليم ۽ حقن لاءِ هن وڏي جاکوڙ ڪئي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر ڳالهائيندي چيو ته نام نهاد ترميمون ڪري 73 جي آئين کي دفن ڪيو ويو آهي، موجوده بدتر حالتن جي ذميداري پي پي ۽ نون ليگ مٿان آهي، جيڪڏهن وڪيل متحد ٿي حڪومت جا گوڏا کوڙائي سگهن ٿا ته سياسي پارٽين کي ڪهڙي تڪليف آهي جو جدوجهد نٿيون ڪري سگهنئ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.