سنڌي قوم سياسي مزاحمت ذريعي ڪارونجهر جو تحفظ ڪندي:رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، غفار ميرجت، پنهل جمالي، اياز سولنگي رمضان ماڇي ۽ ڪمال مھر گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار بضد آهي ته سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جبل ڪٽجي پر سنڌي قوم سياسي مزاحمت ذريعي ڪارونجهر جو تحفظ ڪندي، پيپلزپارٽي هميشه سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آهن پر مراد علي شاهه جي ڪارونجهر ڪٽائي واري خواهش پوري ٿيڻ نه ڏبي 22 ڊسمبر تي حيدر آباد  ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان تحفظ سنڌ مارچ ڪڍي سنڌ جو تحفظ ڪيو ويندو ، انصاف ۽ اميد جو خاتمو ڪيو اٿئين عدالتون ته موجودآهن پر حڪمرانن کي پنهنجي عدالتن تي يقين ناهي 26هين ۽ 27 هين  ترميم کانپوءِ اعليٰ عدالتن انصاف کان خالي ٿي ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.