اسلام آباد(ستار خان)اسٽيبلشمينٽ لاءِ سمورا رستا عمران خان فراهم ڪيا آهن، هو چاهي ٿو ته ڀلي مارشل لا لڳي وڃي، ڇو ته نظام ۾ سندس ڪو به اسٽيڪ ناهي، هن وقت اقتدار ۾ موجود پارٽين کان اسپيس کسجي رهيو آهي، عمران خان کان ڪو به اسپيس کسيو نه پيو وڃي،هو ته اڳ ۾ ئي جيل ۾ آهي، عمران خان گوڙ ڪرڻ ۾ ماهر آهي، هن کي خبر آهي ته پنهنجي ويورشپ ڪيئن وڌائڻ گهرجي،عمران خان اسمارٽ آهي، هن کي ڪو به بيوقوف نه سمجهي،اڌ ملڪ هن پنهنجي پٺيان لڳائي ڇڏيو آهي، هو ماڻهن کي ان ڪيفيت ۾ وٺي ويو آهي جنهن ۾ اڄ تائين ڪو به سياستدان وٺي ناهي ويو، جڏهن ته نوازشريف به اسمارٽ ماڻهو آهي هن به سمجهيو ته جيستائين اسٽيبلشمينٽ سان معاملا سڌا نه ٿيندا وزيراعظم نٿو بڻجي سگهان، هو اسٽيبشلشمينٽ جي سهاري تي ئي بينظير ڀٽو کي للڪاريندو هو، اسٽيبلشمينٽ هر ڀيري نئين اسڪيم سان ملڪ تي نمودار ٿيندي آهي،هائبرڊ سسٽم ۾ عمران خان ۽ جنرل(ر)باجوا (پارٽنر ان ڪرائيم) ڏوهن ۾ شراڪتدار هئا،پر اهو نه هلي سگهيو،موجوده سسٽم به هلندو يا نه اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو