لاهور(عمران شفقت) هر ماڻهو هڪ ئي سوال پيو ڪري ته سي ڊي ايف (CDF) وارو نوٽيفڪيشن ڪڏهن جاري ٿيندو، يعني جنرل عاصم منير لاءِ فوج اندر جيڪو نئون عهدو تخليق ڪيو ويو آهي، ان جو باقاعده اعلان ڪڏهن ٿيندو۔28 تاريخ تائين جيڪو پراڻو نوٽيفڪيشن جنرل عاصم منير کي آرمي چيـف مقرر ڪرڻ لاءِ جاري ٿيو هو، اهو اڃا تائين برقرار آهي۔پهرئين آرمي ايڪٽ موجب آرمي چيـف جو عهدو 3 سال لاءِ هوندو هو، پر بعد ۾ /قانون ۾ ترميم ڪئي وئي جنهن تحت آرمي چيـف جو مدو 5 سال ڪيو ويو پي ٽي آءِ جا قانوني ماهر ۽ يوٽيوبر وارا چون ٿا ته:عاصم منير کي ماضي ۾ پروموشن دير سان ملي ان وقت هو ملڪ کان ٻاهر هو ان ڪري سينيارٽي ۾ فرق پيو پي ٽي آءِ وارا ڊڄن ٿا ته ڪو “ٽيڪنيڪل چڪر” نه لڳي وڃي، ۽ نوٽيفڪيشن جلد ٿيڻ گهرجي جڏهن حڪومت جي وڏن ماڻھن کان پڇيو ويو ته:نوٽيفڪيشن ڪڏهن ٿيندو؟ته انهن چيو توهان کي جلدی ڇا آهي؟ اسان کي ڪا پريشاني ناهي، جيڪڏهن حڪومت جلد ڪرڻ نٿي چاهي، ته شايد ڪا حڪمت عملي هجي شايد ڪجهه ڏينهن دير به ڪري سگهن ٿاشايد جنوري ۾ اعلان ٿيندو شايد سڀ ڪجهه عام ڏينهن وانگر هلندو پر ڳالهه ايتري سادي ناهي، ڇوته رياستي معاملن ۾ هر قدم اڳواٽ سوچيو ويندو آهي،هن وقت حڪومت پريشان ناهي، ماحول خاموش آهي، ان ڪري وڌيڪ شڪ پيدا ٿي رهيا آهن۔اميد آهي ته وزيراعظم وطن واپس ايندي ئي هڪ تقريب ۾ سي ڊي ايف جي ڪمانڊ جنرل عاصم منير حوالي ڪندو ۽ 5 سالن لاءِ اعلان ٿي ويندو۔پرنوٽيفڪيشن ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو يا ڪجهه ڏينهن دير به ٿي سگهي ٿي سڀ ڪجهه رياستي حڪمت عملي تي دارومدار رکي ٿو۔