هائبرڊ نظام کي سياسي پارٽين،عدليه، ميڊيا مان ڪو به خطرو ناهي؟

اسلام آباد(عمار مسعود)ڇا عمران خان جي سياست ختم ٿي وئي آهي؟ڇا عمران خان هاڻي غير متعلق (Irrelevant) ٿي چڪا آهن؟ يا اڃا به جيل ۾ ويٺل خان ڪجهھ ڪنٽرول رکي ويٺل آهي؟ اڄ هڪ تقريب ۾ فيلڊ مارشل نئون ٺهيل عهدو چيـف آف ڊ فِينس فورس سنڀالي ورتو آهي۔هن عهدو جي مدت 5 سال آهي شايد ايندڙ 5 سال بعد به هڪ ٻي توسيع جو امڪان آهي هي سڀ ڪجهه طاقت جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي،هن نظام کي ڪهڙن پاسن کان خطرو ٿي سگهي ٿو؟ تحريڪ انصاف؟ ان جو جواب نه ۾ آهي،پي ٽي آءِ مڪمل طورنيوٽرلائزڊ  ٿي چڪي آهي۔جلسا ختم، تحريڪ ختم، ردِعمل ختم،عدليه مان به خطرو ناهي،آئيني عدالت  جو ڍانچو ٺهي چڪو آهي، ۽ ٽرانسفر پوسٽنگ به هٿ ۾ اچي چڪي آهي،وڪيل به ڌڙابندي جو شڪار آهن،اڄڪلھه شاگرد تنظيمون تقريباً ختم ٿي چڪيون آهن۔ميڊيا به مڪمل طور ڪنٽرول ۾ آهي۔يوٽيوب تي به حد کان اڳتي ڳالهائيندؤ ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا،سوشل ميڊيا مان به خطرو نظر نه پيو اچي،پيڪا آرڊيننس اچي چڪو آهي۔انٽرنيٽ جڏهن چاهين بند، جڏهن چاهين رفتار گهٽ ڪري سگهن ٿا،سياسي پارٽيون (پيپلز پارٽي / ن ليگ)؟اهي ٻئي پارٽيون ئي هن نظام جون اسٽيڪ هولڊر آهن۔انهن جي سياسي بقا به هن ئي نظام سان جڙيل آهي۔انهن کان ڪو خطرو ناهي۔اڄ کان هي نظام مڪمل  مضبوط ٿي ويو آهي۔ايندڙ 5 سال هن ئي ڍانچي ۾ هلندا،پنجن سالن اندر چونڊون به ٿينديون۽ 5 سال بعد وڌيڪ 5 سال وڌائڻ جو امڪان به موجود آهي،يعني اٽڪل 13 سال جو ڊگهو پلان موجود آهي۔جيڪا به قوت هن نظام لاءِ خطرو ٿي پئي سگهي، سڀ نيوٽرلائز ٿي چڪيون آهن۔پر ياد رکو جڏهن ڪوبه خطرو نظر نه اچي،اهو پاڻ ۾ سڀ کان وڏو خطرو هوندو آهي۔قدرت جو فيصلا پنهنجي وقت تي اچي ويندا آهن۔ٻئي پاسي رياست ۽ فوج مخالف بيانن سبب عمران خان جي مقولبيت آهستي آهستي اها مقبوليت گهٽ ٿي رهي آهي، رياست جنهن سان چاهي عمران خان جي ملاقات ڪرائي نه ته وڏو وزير،ڀينرون ڀلي اڊيالا جيل آڏو ڌرڻا پيون هڻن،هاڻي سوال آهي ته عمران خان سان ڇا ٿيندو؟ممڪن آهي ڪجهه عرصي بعد سختيون گهٽ ڪيون وڃن،شايد اڊيالا مان بني گالا شفٽ ٿي وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.