اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٻه رڪني بينچ ڪندي، جنهن ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس روزي خان شامل آهن ۽ اها ٻڌڻي ٽي ڊسمبر تي ٿيندي، سپريم ڪورٽ صحافي ارشد شريف جي قتل تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، 27هين آئيني ترميم کان پوءِ، پاڻمرادو نوٽيس وارا ڪيس وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿي ويا، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سپر ٽيڪس سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي، بينچ ۾ جسٽس ارشد حسين ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن. وفاقي آئيني عدالت جي پهرين بينچ 1 ڊسمبر کان 5 ڊسمبر تائين سپر ٽيڪس سان لاڳاپيل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي.