اڊيالا جيل مان ڪڏهن به خير جي خبر ناهي آئي: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته اڊيالا جيل مان ڪڏهن به خير جي خبر ناهي آئي، جڏهن به ڪا خبر آئي آهي، اها ملڪ جي خلاف ئي هوندي آهي.
پنجاب اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته پي پي اسان جو اتحادي آهي، جتي به ضرورت پئي کين گڏ کڻي هلنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام جون جيڪي پريشانيون آهن، وڏو وزير سهيل آفريدي جو انهن سان ڪو به لهڻو ليکو ناهي، اڊيالا جيل مان ڪڏهن به ڪا خير جي خبر ناهي آئي، جڏهن به آئي اِها ملڪ جي خلاف ئي هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.