سنڌ جو ثقافتي ڏينھن ھر سال ڊسمبر ۾ ملھايو ويندو آھي، ان ڏينھن کي اصل ۾ تھ سال 2010 کان سنڌي ميڊيا ملهائڻ جي روايت وڌي آهي.جنھن جي شروعات تڏھن ٿي جڏھن هڪ ميڊيا اينڪر ان وقت جي صدر آصف زرداري تي سنڌي ٽوپي پائڻ تي ٺٺول ڪئي هئي. ان غير سنڌي صحافيءَ اعتراض اٿاريو هو ته آصف زرداري کي بحيثيت ملڪ جي صدر، سنڌي ٽوپي نه پائڻ گهرجي. جنهن خلاف سنڌي ميڊيا احتجاج طور اهو ثقافتي ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو. جنھن بعد ھر سال ڊسمبر مھيني جي پھرين آچر تي اھو ڏينھن ملھائبو ايندو آھي.
هن ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو سڀ کان وڏو فائدو سنڌي ثقافت جي هنرمندن کي ٿيو آهي. اجرڪ ٺاھيندڙن ، سنڌي ٽوپين جي ڪاريگرن،، سنڌي ڀرت ڀريندڙن، ڪنڀرن ۽ ڊکڻن کي بھ ان ثقافتي ڏينھن جي حوالي سان تمام گهڻو فائدو رسيو آهي. ھڪ لحاظ کان ڏسجي ته جنھن نموني سنڌ جون ثقافتي شئيون گم ۽ متروڪ ٿي رھيون ھيون انھن کي وري نئين سر سان مڃتا ملڻ جو دور شروع ٿيو آھي.جنھن سان سنڌي ثقافت جا گم ٿي ويل ھنرمند وري جاڳي پيا آھن.جڏهن کان ثقافت جي سالياني ڏينهن جي روايت پئي تڏهن کان سنڌ جي ثقافتي صنعتن ۾ نئون ساهه پئجي ويو آهي.
اھا سنڌي ميڊيا ئي آھي جنھن ان ثقافت واري ڏينھن تي ماڻھن جي گڏ ٿيڻ، خوشي ملھائڻ، گھمڻ رقص ڪرڻ ۽پنھنجا ثقافتي ويس وڳا پائڻ سان گڏ ان ڏينھن تي ڪنھن نھ ڪنھن پيغام ڏيڻ جي بھ روايت وڌي آهي. ھر سال ”عوامي آواز ميڊيا گروپ“ پاران بھ ان ڏينھن جي نسبت سان ڪو عنوان ڏئي ڪري ان سياسي ۽ سماجي موضوع بابت سنڌ ۾ مهم هلائي عوامي سطح تي سيمينار ڪري، پروگرام ڪري ان کي عام ڪيو وڃي ٿو، جئين عوام ۾ پنھنجي ثقافت سان گڏ ان جي اھم معاملن ۽ مسئلن بابت شعور کي وڌيڪ بيدار ڪري سگھجي.
ھن سال ”عوامي آواز“ جي ميڊيا گروپ پاران ثقافتي ڏينھن کي ”سنڌ جو نعرو ڪرپشن کان ڇوٽڪارو“ جو عنوان ڏنو ويو آھي. عوامي آواز ميڊيا گروپ هن سال 7 ڊسمبر 2025ع تي ثقافت جو ساليانو ڏينهن ان نعري هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ”سنڌ کي ڪرپشن کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي“ اسان سمجهون ٿا ته اڄ جي سماج ۾ ڪرپشن ڪينسر وانگر ڦهلجي چڪي آهي پر ڪرپشن جو اهو ڪينسر جيئن ته ”بيماريء“ ناهي، هڪ رويو آهي تنهن ڪري اهو لاعلاج ناهي پر خوش قسمتيءَ سان علاج جي قابل آهي. ضرورت رڳو اوڏانهن ڌيان ڏيارڻ ۽ دٻاءُ وجهڻ جي آهي. ان ڪري عوامي آواز ميڊيا گروپ جنهن هر سال ثقافت جي ڏينهن کي جوش ۽ جذبي سان پئي ملهايو آهي ۽ سنڌي ثقافت کي زنده رکڻ ۽ هر نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي اتي ان موقعي تي سنڌ جي هڪڙن سياسي، سماجي مسئلن کي به بحث هيٺ آندو آهي ته جيئن ثقافت جي ڏينهن کي فخر سان ملهائڻ سان گڏ ٻين سياسي ۽ سماجي مسئلن تي به ڳالهائي سگهجي، بحث مباحثو ڪري سگهجي ۽ ڪنهن فيصلائتي نتيجي تي پهچي سگهجي.
سو اچو ته هن سال ثقافت جي ڏينهن کي ”ڪرپشن کان ڇوٽڪارو“ جي عنوان هيٺ ملهايون ۽ سوچ ويچار ڪريون ته ان ڪرپشن مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪجي يا ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي. ان حوالي سان اسان سنڌ جي هر طبقي کي دعوت ڏيون ٿا ته اهي عوامي آواز ميڊيا گروپ سان هن سال وارو ثقافت جو ڏينهن نه رڳو ملهائين پر ڪرپشن کان پاڪ سنڌ لاءِ ان ڪئنسر جهڙي وبا کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ واري مهم ۾ پنهنجو حصو وجهن.
عوامي آواز ميڊيا گروپ 7 ڊسمبر 2025ع تي ثقافت جي ڏينهن کي ”سنڌ جو نعرو ڪرپشن کان ڇوٽڪارو“ ان احساس وچان ملهائي رهيو آهي ته هاڻي ڪرپشن جيئن ته سڄي سماج ۾ ڪينسر وانگر ڦهلجي چڪي آهي تنهن ڪري ان جي خاتمي لاءِ فيصلائتو آواز اٿارڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڪرپشن ۾ انفرادي طور ڪجهه ماڻهو ملوث هجن يا ڪجهه ادارا ملوث هجن ته شايد زندگي ۽ موت جو مسئلو نه هجي پر جيڪڏهن ڪرپشن سڄي سماج ۾ ڦهلجي وڃي ته پوءِ اهو رويو ناقابل برداشت هجي ٿو. هن وقت نه رڳو سنڌ ۾ پر ڏسجي ته سڄي ملڪ لاءِ نمبر ون مسئلو ”ڪرپشن“ ئي آهي جنهن سڄي حڪومتي ۽ سماجي نظام کي متاثر ڪيو آهي. يقينن ان تي ڪا ٻي راءِ ناهي سڀ ان ڳالهه تي اڄ متفق آهن ته هاڻي ڪرپشن صرف حڪومتي ۽ ٻين خانگي ادارن ۾ ئي ناهي رهي پر ماڻهن جي روين ۾ به ڪرپشن جو زهر پکڙجي ويو آهي. تنهن ڪري وقت اچي ويو آهي ته ان خلاف آواز اٿارجي ۽حڪومتن توڙي خانگي ادارن ۽ سماج جي هر طبقي کي اهو سوچڻ ۽ سمجهائڻ تي مجبور ڪجي ته عوام ڪرپشن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو ۽ عوامي آواز جو ميڊيائي ادارو جيئن ته عوامي آواز جي ترجماني ڪندو آهي سو عوام جي ترجماني ڪندي 7 ڊسمبر 2025 تي ٿقافت جو ڏينهن ان عنوان سان ملهائي رهيو آهي ته ”سنڌ جو نعرو ڪرپشن کان ڇوٽڪارو“، اهو ڪيئن ممڪن آهي اچو ته ان تي سوچيون، ويچاريون ۽ عملي طور ان ڏس ۾ ڪو فيصلائتو ماحول پيدا ڪري سگهون.