اسٽيٽ بينڪ جي گورنر معاشي پاليسين تي سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد (امتياز گل) وڏا وڏا ڪاروباري ماڻهو ٽيڪسن ۽ سختين جون شڪايتون ڪري رهيا آهن. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر به اهڙو آواز اٿاريو آهي. سندس چوڻ آهي ته حڪومت جون معاشي پاليسيون 25 ڪروڙ پاڪستانين لاءِ فائديمند ۽ پائيدار نه آهن. معاشي استحڪام جون موجوده پاليسيون استحڪام نٿيون آڻي سگهن، حڪمرانن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجي ويچار ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. گورنر کي اهڙن کليل لفظن ۾ نظام تي تنقيد ڪندي اڳ نه ڏٺو هو. هي اهو شخص آهي جنهن جي پگهار ملڪ ۾ 50 کان 60 هزار ڊالر ٿئي ٿي.  عجيب ڳالهه اها آهي ته جڏهن به شريف ڀائرن جي حڪومت آئي آهي، برآمد گهٽ ٿي، ڪارخانا بند ٿيا، بيروزگاري وڌي وئي.  2013 ۾ زرداري حڪومت برآمد 25 ارب ڊالر تي ڇڏي نواز شريف جي دور ۾ اها گهٽجي 20.5 ارب ڊالر ۽ شاهد خاقان عباسي هو ته 23 ارب ڊالر برآمد ٿي.  شريف ڪٽنب جا 3 دور رهيا پر ڪاروبارين ۽ صنعتين جون شڪايتون ساڳيون رهيون. اڄ تائين انهن ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، وزيراعظم نيون ڪميٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن.  آءِ ايم ايف به اهي ئي ڳالهيون ڪيون آهن ته حڪمران اشرافيا قابض آهي. سياستدان مهانگين گاڏين ۾ گهمن ٿا. حڪمران طبقو ان نظام مان فائدو کڻي رهيو آهي ته ان کي تبديل ڇو ڪندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.