ڇا پاڪستان ۾ چيني طرز حڪمراني جيان صف بندي ٿئي پئي؟

سڪندر چنو

هن وقت پاڪستان ۾ سياسي توڙي معاشي حالتون جيڪڏهن خراب ناهن ته بهتر به ناهن. پاڪستان کي صرف قرض تي هلايو وڃي ٿو. پر آخرڪار اهو به ڪيترو؟ جيترو قرض پاڪستان آءِ ايم ايف کان ورتو آهي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ايترو قرض نه ورتو آهي. پاڪستان جي ٻيڙي قرضن سبب ٻڏي رهي آهي. 27 ترميم کان پوءِ فيلڊ مارشل لاءِ هڪ نئون عهدو منظور ڪيو ويو آهي. جنهن کي چيف ڪمانڊر فورسز چون ٿا. هن عهدي جو مقصد هڪ اهيو به ٿي سگهي ٿو ته ملڪي سلامتي لاءِ فيصلا هڪ فرد ڪري ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو ڪوبه ڪردار باقي رهي. اهوئي سبب آهي جو تازو چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل ساحر شمشاد رٽائر ٿي ويو آهي. هاڻي ملڪ جون ٽئي فوجون سامونڊي، هوائي ۽ فوج  هڪ عهدي جي زيردست هونديون.

پاڪستان جي اڪثر ماڻهن جي سوچ ۾ جيڪي ڳالهيون زير بحث آهن ته پاڪستان ۾ فيلڊ مارشل چاهي ٿو ته چين جي طرز حڪمراني جيان پاڪستان ۾ به طرز حڪمراني، سياسي توڙي دفاعي ڍانچو جوڙيو وڃي. جيڪڏهن نيت صاف آهي ۽ ملڪ کي معاشي طور دنيا ۾ اڀارڻو آهي ته هر پاڪستاني سندس جي ان سوچ سان سهمت آهي پر جيڪڏهن ڪنهن هڪ پارٽي يا فرد کي طاقت ڏيڻ آهي ته پوءِ شايد عوام برداشت نه ڪري. عوام چاهي ٿو ته پوءِ سڀني سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻو به پوندو. يا سياسي قيدي جي ڪابه گنجائش نه هجڻ گهرجي. ملڪي مفادن خلاف جيڪو به ڪم ٿئي ان خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي.

تازو پنجاب اندر ننڍين چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي. ان بابت دنيا جي جي راءِ پاڪستان جي حڪمرانن لاءِ ڪا بهتر ناهي. آئي ايم ايف پاڪستان طرز حڪمراني مٿان آيف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن چين جي طرز حڪمرانيءَ مان فيلڊ مارشل متاثر آهي ته تمام سٺي ڳالهه چئبي. پر چين جيان ٿيئڻو به پوندو. ڇاڪاڻ ته چيني صدر شي جن پنگ ملڪي نظام کي هلائيندڙ واحد طاقتور صدر آهي ان دنيا آڏو چين کي معاشي طاقت به بڻائي ڏيکاريو آهي. ٿوري نظر چين جي طرز حڪمراني تي وجهون. چين جو وجود 1928 ۾ آيو آهي. چين جو آئين 1954 ۾ ٺاهيو ويو. ياد ڏياريندو هلان ته 1954 کان ويندي 1970 تائين چين سپر پاور سوويت يونين هاڻي روس کان قرض جو ڪشتو کڻي پنندو رهيو. هڪ ڀيري چين اڳواڻ ان وقت روس جي صدر ميخائيل گورباچوف وٽ جڏهن قرض وٺڻ لاءِ پهتا ته روسي صدر سندن کي طعنو ڏيندي قرض ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو ته آخرڪار ڪيترو پني ۽ گداگري ڪري ملڪ هلايو ويندو؟ ان کان پوءِ چيني اڳواڻ هٿين خالي موٽي آيا ۽ نشي ۾ ستل قوم کي وڏي محنت ۽ جفاڪشي کان پوءِ جاڳايو ۽ قوم ۾ هڪدم غيرت جاڳي پئي. ان نشي ۾ ڌت قوم محنت ڪئي. ڪرپشن کي روڪيو اڄ چين اسان جي سامهون آهي.

بحرالحال چين هڪ ڪميونسٽ ۽ جمهوري ملڪ آهي. هن وقت چين ۾ 23 صوبا آهن. بلدياتي نظام به مرڪزي حڪومت جي زير دست آهي. چيني صدر شي جن پنگ جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري به آهي. اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ 10 لکن کان به وڌيڪ ڪرپشن ۾ ملوث جنهن وزيراعظم، وزير، آرمي آفيسر ۽ بيوروڪريٽ شامل هئا کي موت جي سزا ڏني ويئي آهي. انهن ڪرپٽ ماڻهن کي ملڪ جي چوراهن تي ڦاهيون ڏنيون ويون آهن يا سندن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي. جنهن کان پوءِ ملڪ معاشي طور ترقي ڪرڻ شروع ڪئي.

27 آئيني ترميم جي پاس ٿيڻ کان پوءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي هڪ نئون عهدو ملي ويو آهي جنهن جو نالو چيف ڪمانڊر فورسز آهي. آرمي چيف وارو عهدو پس منظر تان غائب هوندو يعني عهدو برقرار هوندو پر پردي پويان. 27 ۽ ايندڙ 28 ترميم کان پوءِ ملڪ جو سياسي ۽ معاشي (سيناريو) ڍانچو تبديل ٿيندي ڏسڻ ۾ ايندو. سو 27 ترميم کان پوءِ پاڪستان جو سياسي ۽ انتظامي ڍانچو تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي آرمي چيف جو عهدو ظاهر کان باطن طرف هليو ويو آهي ۽ آرمي چيف جو عهدو پردي پويان لڪي ويو آهي. هاڻي هڪ ئي عهدو برقرار رکيو پيو وڃي. چيف ڪمانڊر فورسز. هن عهدي جي زيردست هوائي فوج ۽ سامونڊي فوج هوندي. اهي ٽئي فوجون هڪ ماڻهون جي زير تحت ڪمانڊ ۾ اچي ويون آهن. پاڪستان ۾ ڪجهه مهينن اندر صدارتي نظام رائج ٿي ويندو. ۽ پاڪستان ۾ چين جي طرز حڪمرانيءَ جيان فارمولو هلندو. ڇاڪاڻ ته چين ۾ بلدياتي نظام کي هٿي مليل آهي ۽ پوري ملڪ ۾ حڪم صرف صدر جو هلي رهيو آهي. چين ۾ مضبوط صدارتي نظام هلي رهيو آهي. چين ۾ صوبائي اسيمبلين کي ضلع جا چونڊيل نمائندا ووٽ ڪندا آهن ۽ ضلعي اسيمبلن جي چونڊ شهري ڪندا آهن. صوبائي اسيمبلي لاءِ ڪابه اليڪشن ناهي ٿيندي جيئن پاڪستان ۾ مار ڌاڙ هوندي آهي. چين سرمائيدارن جي نظام جي حمايتن کي ديوار سان لڳايو جنهن جي ڪري اڄ چين ۾ ارب پتين جو تعداد دنيا ۾ ٻيو نمبر تي آهي. هن وقت چين ۾ 628 ماڻهن جو تعداد هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ سندس وٽ رقم آهي. آمريڪا ۾ ارب پتي ماڻهن جو تعداد 724 آهي. چين ۾ مختلف شين جي ڪمپنين جو تعداد 124 آهي. آمريڪا ۾ مختلف شين جي ڪمپنين جو تعداد 121 آهي. آئي ايم ايف جي رپورٽ مطابق مجموعي قومي پيداوار ۾ آ۾ريڪا سڀني کان اڳ ڀرو آهي پر خريد قوت ۾ چين پوري دنيا کان وڏي معيشت آهي. چين جو بينڪاري نظام دنيا جو امير ترين آهي ۽ اثاثن جي حساب سان به چين دنيا ۾ پهرين نمبر تي آهي. اهوئي سبب آهي جو چين دنيا جو معاشي سپر پاور بڻجڻ وارو آهي. چين سوشل ازم جي نظام کي طاقت ڏني ان ڪامياب فارمولي کان پوءِ چين تيزي سان معاشي ترقي ڪرڻ لڳو. سرماياداراڻي نظام جي نڙيءَ تي لت ڏني. چين ٽيڪنالوجي مارڪيٽ ۾ آمريڪا کان به وڌيڪ اڳ ڀرو آهي.

هاڻي وري به سوال ساڳيو اچي ٿو ته ڇا اسين چين جي طرز حڪمرانيءَ مان ڪجهه پرائي وٺنداسين؟ چين ۾ هڪ ئي پارٽي جو ڏنڍو هلي ٿو. بحرالحال پاڪستان ۾ به ممڪن آ چين جيان هڪ ئي طاقتور پارٽي جوڙي وڃي جيڪا ملڪ جي صدر کي چونڊي پر اهوبه ان وقت ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن هڪ پارٽي ٺاهي وڃي. پاڪستان ۾ اهڙي نظام آڻڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن 28 ترميم پاس ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان جو سياسي ڍانچو ڪافي حد تائين تبديل ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پاڪستان جو ايندڙ صدر مضبوط ۽ اهو بااختيار هوندو وزيراعظم جو عهدو هوندو پر ان جو ڪوبه ڪردار نه هوندو. صدارتي نظام اچڻ کان پوءِ صدر وٽ 58 ٽوبي جو مڪمل اختيار هوندو جنهن وقت چاهيندو وزيراعظم کي بنا ٻڌائڻ جي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته پوءِ صدر جي ماتحت جيڪا به پارٽي چاهيندي اها وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي سگهي ٿي پر ان وزيراعظم وٽ ڪنهن به قسم جو اختيار نه هوندو چاهي ملڪي سلامتي جا فيصلا، معاشي فيصلا يا سياسي فيصلا ڇو نه ڪرڻا هجن اهي سڀ جو سڀ اختيار صدر وٽ  هوندا. چيو پيو وڃي ته 2026 ۾ اليڪشن ڪرائي ويندي. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ حڪومتن وچ ۾ جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿين ٿيون ته پوءِ 2026 واري اليڪشن ۾ ن ليگ کي برتري ڏياري ويندي. جيڪو چيف ڪمانڊر فورسز جي صلاح مشوري تي عمل ڪندو ان کي اڳتي آڻي وزيراعظم بڻايو ويندو پر اهو وزيراعظم صرف نالي ماتر ئي هوندو جڏهن ته ملڪي توڙي بين الاقوامي فيصلا صرف صدر ئي ڪرڻ جو پابند هوندو. بلڪل ائين جيئن چين ۾ آهي. ڪرپشن خلاف جهاد پنهنجي گهر کان ڪرڻ گهرجي جنهنجا مثبت نتيجا نڪرندا ۽ پوءِ ملڪ جو هر ادارو خود بخود ترقي طرف گامزن هوندو. بحرالحال ڊسمبر ۾ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو ۽ عوام ۾ پکيڙيل مايوسي ۽ مونجهارو ختم ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.