ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته سندس کاتو محدود مالي وسيلن جي باوجود صوبي جي فنڪارن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيو آهي، ۽ صوبي ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم جاري آهي هو خميس ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جي وقت ميمبرن جي مختلف تحريري ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. ذوالفقار شاهه چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ وفاق سڌي طرح فنڊنگ فراهم نٿو ڪري. هن ترميم جي نتيجي ۾ وزارتون ورهائجي ويون. ايم ڪيو ايم ميمبر عبدالوسيم نشاندهي ڪئي ته جتي سياح اچن ٿا اتي سهولتون مڪمل نه آهن. ذوالفقار علي شاهه جواب ڏنو ته سياحت واري وزارت جو بجيٽ تمام گهٽ آهي. هاڻي اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪري رهيا آهيون. ذوالفقار شاهه سنڌ جي وڏي وزير کي سياحت لاءِ بجيٽ وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي. هن چيو ته وفاق طرفان کاتي کي ڪا خاص گرانٽ نه ڏني ويندي آهي.