سنڌين نيشنل ڪانگريس جو مارچ سجاول مان شروع

سجاول(پ ر)سنڌين نيشنل ڪانگريس مرڪز پاران چيف آرگنائيزر محب آزاد، ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويو ۽ آرگنائيزر  سهڻي جويو جي اڳواڻي ۾ ”سنڌ بچايو مارچ“ اڄ 27 نومبر تي سجاول پبلڪ پارڪ تان شاندار نموني شروع ٿي ويو. هي چار ڏينهن وارو مارچ ميرپور ٻٺورو، کورواھ، ڪڙيو گهنور کان ٿيندو گولاڙچي پهچندو، جتي هڪ وڏي عوامي جلسي سان اختتام پذير ٿيندو.هي مارچ ڪارپوريٽ فارمنگ ، 27هين ترميم ،سنڌ مان جبري گمشدگين ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف ڪوڙن ڪيسن ،انڊس ڊيلٽا جي هٿرادو تباهي روڪڻ ۽ ماحولياتي انصاف ،ڪلائيمٽ فنڊز ۽ سنڌ جا قدرتي وسيلا سنڌ تي خرچ ،سنڌ جي هارين لاءِ زرعي انصاف، منصفاڻي اگهن ۽ استحصال جي مسئلن تي ڪيو پيو وڃي،مارچ ۾ تنظيمي ساٿين سان گڏ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجو قومي، سياسي ۽ ماحولياتي شعور جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.