سينيٽ ۾ عمران خان جي ملاقاتن تي پابندي خلاف احتجاج،کدڙن جي حقن بابت بل منظور

اسلام آباد(بيورو)سينيٽ اجلاس دوران اپوزيشن عمران خان سان جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي جو معاملو زور شور سان اٿاريو، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته باني پي ٽي آءِ کي ڪيترن هفتن کان گهرڀاتين ۽ وڪيلن  سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، جيڪا انساني حقن ۽ جيل مينيوئل جي سخت خلاف ورزي آهي، ايوان ۾ اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو۔اجلاس ۾ سينيٽ گھريلو تشدد خلاف بل ۽ ٽرانسجينڊر ماڻهن جي حقن بابت بل منظور ڪري ورتو۔ بل شيـري رحمان پيش ڪيو۔ بل جي منظوري تي جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن ايوان ۾ احتجاج ڪيو،شيـري رحمان چيو ته پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ اهڙا قانون اڳ ۾ موجود آهن، ۽ هي قانونسازي ڪيترن سالن کان التوا ۾ هئي، جيڪا اڄ مڪمل ٿي۔ هن چيو ته 15 سال بعد قانوني پيش رفت تي حڪومت ۽ ان جا اتحادي مبارڪباد جا مستحق آهن۔بل جي مخالفت ۾ جي يو  آءِ جي سينيٽر ڪمرا ن مرتضيٰ ان کي غير شرعي قرار ڏيندي احتجاجاً واڪ آئوٽ ڪيو۔

اسلام آباد(بيورو)سينيٽ اجلاس دوران اپوزيشن عمران خان سان جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي جو معاملو زور شور سان اٿاريو، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته باني پي ٽي آءِ کي ڪيترن هفتن کان گهرڀاتين ۽ وڪيلن /ڏسو صفحو 7 ڪالم 3

سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، جيڪا انساني حقن ۽ جيل مينيوئل جي سخت خلاف ورزي آهي، ايوان ۾ اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو۔اجلاس ۾ سينيٽ گھريلو تشدد خلاف بل ۽ ٽرانسجينڊر ماڻهن جي حقن بابت بل منظور ڪري ورتو۔ بل شيـري رحمان پيش ڪيو۔ بل جي منظوري تي جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن ايوان ۾ احتجاج ڪيو،شيـري رحمان چيو ته پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ اهڙا قانون اڳ ۾ موجود آهن، ۽ هي قانونسازي ڪيترن سالن کان التوا ۾ هئي، جيڪا اڄ مڪمل ٿي۔ هن چيو ته 15 سال بعد قانوني پيش رفت تي حڪومت ۽ ان جا اتحادي مبارڪباد جا مستحق آهن۔بل جي مخالفت ۾ جي يو  آءِ جي سينيٽر ڪمرا ن مرتضيٰ ان کي غير شرعي قرار ڏيندي احتجاجاً واڪ آئوٽ ڪيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.