اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي سوشل ميڊيا تي ٻن ڏينهن کان پاڪستان تحريڪ انصاف ( جي باني ۽اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت مختلف قسم جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن. اربع جي رات سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي صارفين اهو شڪ ظاهر ڪيو ته عمران خان کي راولپنڊي جي اڊيالا جيل کان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، اُتي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته جيل ۾ قيد دوران عمران خان جو انتقال ٿي چڪو آهي. اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ٻه سال کان وڌيڪ عرصو راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد آهن، جتي اُن کي 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ احتساب عدالت طرفان سزا ٻڌائي وئي هئي. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن تي ردعمل ڏيندي، اڊيالا جيل جي اهلڪار چيو آهي ته عمران خان مڪمل طور تي صحتياب آهن. اڊيالا جيل جي اهلڪار بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان مڪمل طور تي صحتياب آهن ۽ اُنهن کي جيل جي ضابطن کان علاوه عدالت طرفان ڏنل سڀني سهولتن فراهم ڪيون پيون وڃن.ٻئي طرف، عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان پنهنجي ڀاءُ جي موت ۽ اهڙين ٻين افواهن کي مڪمل طور تي رد ڪيو آهي.