اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران حڪمران جماعت جي قدمن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته لڳي ٿو هن ايوان ۾ اسان جي ويهڻ جا ڏينهن ٿورا رهجي ويا آهن۔هن خطاب دوران پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته لڳي ٿو ميان نواز شريف کي “آزادي” ملي وئي آهي،هن چيو ته ميان نواز شريف چوي ٿو ته “عمران خان کي آڻيندڙن کي به سزا ملڻ گهرجي”، ميان صاحب لاءِ ريڊ ڪارپٽ وڇايو ويو، هن وٽ وڃي بايوميٽرڪ تصديق ڪئي وئي، هو جيل ۾ به نه ويو ۽ وري مينڊيٽ به ڏنو ويو۔بئرسٽر گوهر چيو ته هن ملڪ ۾ اها جمهوريت ناهي جيڪا ٻين ملڪن ۾ هوندي آهي۔ لڳي ٿو ميان صاحب آزاد ٿي ويا آهن ۽ پهريون ڀيرو کيس بغير ماسڪ جي ڏٺو آهي۔عمران خان بابت نواز شريف جي بيان تي ڳالهائيندي هن چيو ته ميان صاحب دير ڪري ڇڏيو، اسان جا ٻار کنيا پيا وڃن، اوهان اسان کان اپوزيشن ليڊر جي سيٽ کسي، اها عمر ايوب خان جي سيٽ اسان کٽي چڪا آهيون۔