چيٽ جِي پِي ٽِي جي وائس موڊ فيچر ۾ ڦيرڦار، نئون طريقو متعارف

اوپن اي آءِ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ ننڍي پر اهم تبديلي ڪئي آهي، جيڪا واهپيدارن کي ضرور پسند ايندي.
ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته چيٽ جي پي ٽي جي ويب ورزن ۽ موبائل ايپس ۾ وائس موڊ جي ڪم ڪرڻ واري طريقي کي تبديل ڪيو پيو وڃي.
ان نئين تبديلي کانپوءِ توهان چيٽ جي پي ٽي وائس موڊ کي ڪنهن به چيٽ اندر استعمال ڪري سگهو ٿا.
اي آءِ ماڊل توهان کي چيٽ جي ٽرانسڪرپٽ ڏسڻ جي سهولت پڻ فراهم ڪندو.
توهان ڪنهن به چيٽ ۾ ٽيڪسٽ فيلڊ ۾ موجود ” ويو فارم“ آئيڪن تي ڪلڪ ڪري وائس چيٽ شروع ڪري سگهو ٿا.
ان کان اڳ وائس چيٽ الڳ انٽرفيس ۾ ڪرڻي پوندي هئي، پر هاڻي ڪنهن به چيٽ اندر ان کي استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.
اوپن اي آءِ موجب، چيٽ جي پي ٽي چيٽس اندر ئي وائس موڊ استعمال ڪري سگهجي ٿو ته جيئن توهان جي ڳالهه ٻولهه متاثر نه ٿئي.
جيڪڏهن توهان پراڻي وائس انٽرفيس کي ترجيح ڏيندئو ته چيٽ جي پي ٽي سيٽنگز ۾ وائس موڊ سيڪشن ۾ Separate Mode کي ٽرن آن ڪرڻو پوندو.
ويزول ۽ وائس فيچرز کي گڏائڻ سان چيٽ جي پي ٽي جو استعمال هاڻي وڌيڪ بهتر محسوس ٿيندو.
توهان آواز، تصوير يا وڊيو ذريعي اوپن اي آءِ ماڊل کي هدايتون ڏئي سگهو ٿا.
گوگل طرفان اهڙو فيچر جيمنائي لائيو ڏنو ويو آهي.
چيٽ جي پي ٽي وارو فيچر جيمنائي لائيو جيترو بهتر ته ناهي پر اهو چيٽ جي پي ٽي کي وڌيڪ بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ مددگار ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.