اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي اختيارين سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي بريفنگ ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته 61 ملڪن ۾ 21 هزار 647 پاڪستاني قيد آهن.
اختيارين موجب، يو اي اي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني پاسپورٽ تي پابندي لڳڻ کان ذري گهٽ بچي ويا آهيون، جيڪڏهن پابندي لڳي وئي ته ان کي هٽائڻ ڏکيو هوندو.
اهلڪارن وڌيڪ چيو ته يو اي اي هاڻي ويزا جاري نه پئي ڪري، رڳو بليو پاسپورٽ ۽ ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ هولڊرز لاءِ ويزائون ملي رهيون آهن.
Prev Post
You might also like