ڳڙهي ياسين (رپورٽ: حبيب الله ڪمبوھ) ڳڙهي ياسين ڀرسان ککراڻي ابڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان قتل ٿيل 6 ڄڻن جي خون ۽ 32 زخمين جو فيصلو چيف سردار ذوالفقار علي خان ڪماريو ابڙو جي سرپئنچي م ڪماريا ھائوس ترائي تي ٿيو، ڌرين مٿان مجموعي طور 2، ڪروڙ 21 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فيصلي ۾ سردار معظم علي خان عباسي، سردار زادہ نجف علي خان ڪماريو، ڊاڪٽر محمد سليم خان ابڙو، وڏيرو غلام مصطفيٰ خان ککراڻي ابڙو، سردار ذوالفقار خان سيلرو ، صابر مير جيسر ابڙو، شڪيل خان وڌيو ،علي گل ککراڻي ابڙو، جاني خان ابڙو، ڌرين جي مشيرن طور شرڪت ڪئي ڌريون ھڪ ئي برادريءَ سان تعلق رکڻ جيڪري مشيرن گڏيل طور ڪردار ادا ڪيو، دوست محمد ککراڻي ابڙو جي ڌر جا 3 قتل ۽ ٻين نياڻين سميت 20 ماڻهو زخمي ٿيڻ جا عبدلحميد ککراڻي ابڙو جي ڌر مٿان ثابت ٿيڻ تي 1 ڪروڙ 14 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، قتلن ۾ عبدالستار ککراڻي مولوي ھئڻ جي ڪري 5 لک خون وڌيڪ 30، لک رپيا ۽ عبدالباسط ننڍڙو ٻار ھئڻ جي ڪري 10 لک وڌيڪ جنهن جا 35 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو ، سھيل جا 25، لک، 2، معصوم نياڻيون زخمي ڪرڻ جا 6، لک رپيا ، ۽ 18، ٻيا ماڻهو زخمي ڪرڻ جا 15، لک 50 ھزار رپيا ،ٽوٽل 1، ڪروڙ ،14، لک رپيا عبدلحميد ڌر مٿان ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ٻي ڌر عبدالحميد جا 3، قتل ۽ 12 زخمي ثابت ٿيڻ تي دوست محمد ککراڻي جي ڌر مٿان 1ڪروڙ 6، لک 50 ھزار رپيا ڏنڊ رکيو ويو، قتل ۾ اشفاق ککراڻي کي گھرائي مارڻ جا 5، لک وڌيڪ خون بھا،30، لک رپيا ،عبدالطيف جا 25، لک رپيا ،محمد بچل جا 25، لک رپيا ، جھيڙي ۾ اڳرائي ڪرڻ جا 5، لک رپيا ،ڪيس ۾ عورتن جا نالا ڏيڻ جا 5، لک رپيا ، ۽ 12 ماڻهو زخمين جا 16، لک 50 ھزار رپيا ڏنڊ رکيو ويو ، دوست محمد ککراڻي ڌر مٿان عبدلحميد ککراڻي جي ڌر جا، 1 ڪروڙ 6، لک 50 ھزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڌرين کير کنڊ ٿي ويا علائقي ۾ خوشيء جي لھر ڇائنجي وئي.