عالمي بئنڪ کي ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ سهڪار جي اپيل

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين کي سنڌ حڪومت جا اهم ھدف قرار  ڏيندي عالمي بينڪ کان ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين لاءِ سھڪار جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين منصوبا سنڌ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته عالمي بينڪ انهن رٿائن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.عالمي بينڪ جي هڪ اعليٰ سطح جي  وفد ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ شهري نقل و حمل جي بهتري، ٽرانسپورٽ سسٽم کي مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف ماڊلز تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات جي موقعي تي صوبائي وزير وفد کي عالمي بينڪ جي سهڪار سان تيار ٿيندڙ يلو لائن بي آر ٽي رٿا ۾ اڳڀرائي بابت آگاھي ڏني. هن چيو ته يلو لائن جي اهم حصي، تاج حيدر پل، جي هڪ حصي تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ٻئي حصي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، يلو لائن بي آر ٽي سان لاڳاپيل فيصلا عوام ۽ رٿا جي مفادن کي نظر ۾ رکندي ڪيا پيا وڃن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته رٿا جي وقت سر مڪمل ٿيڻ لاءِ عالمي بينڪ کان وقت سر سھڪار جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.