لاڙڪاڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو ڌامراهه ٿاڻي جي حد ڌامراهه شهر ۾ سڱاوتي معاملي تان هٿياربندن فائرنگ ڪري 22 سالن جي نوجوان علي رضا ڌامراهه کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا بعد ۾ زخمي کي علاج لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، مقتول نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، جڏهن ته گذريل رات دير سان هٿياربندن اسان جي نوجوان علي رضا ڌامراھ کي گولي هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.