راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پرڏيهي حمايت يافتا دهشتگردي ۽ ڏکين چئلينجز باوجود هٿياربند فوجون قومي سلامتي لاءِ پُرعزم آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو.
واضح رهي ته نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو اهم پروگرام آهي، جيڪو پارليامينٽيرينز، اعليٰ سول ۽ عسڪري آفيسرن ۽ تعليمي ۽ سماجي شعبن سان واڳيل نمائندن کي گڏ ڪري ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب، شرڪت ڪندڙن کي غير قانوني سرگرمين خلاف جاري قومي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان کانسواءِ شرڪت ڪندڙن کي منشيات جي سمگلنگ ۽ منظم ڏوهاري نيٽ ورڪن خلاف آپريشنز، بهتر بارڊر ڪنٽرول ۽ غير قانوني پرڏيهي شهرين جي واپسي واري معاملي تي تازي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.
ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به قومي سلامتي لاءِ پيشيوارڻي مهارت ۽ عزم جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته علائقائي صورتحال تيزي سان بدلجي رهي آهي، جيو پوليٽيڪل مقابلو وڌي رهيو آهي ۽ سرحد پار دهشتگردي ۽ هائبرڊ حربن جا اثر واضح آهن.
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان هڪ اهم ملڪ آهي ۽ پنهنجي حيثيت موجب دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.
هن چيوته پاڪ فوج جي صلاحيت، جذبو ۽ عزم عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۾ واڌارو ڪيو ۽ اسان جي سڀ کان وڏي طاقت قومي ايڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج لاءِ ملڪ جي سرحدي سالميت، سلامتي ۽ هر شهري جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، ملڪ جي سالميت ۽ هر شهري جي تحفظ ۾ ڪنهن به قسم جو سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ اسان پنهنجي دشمنن جا سمورا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائينداسين .
فيلڊ مارشل عاصم منير وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان مڪمل سهڪار جاري رکڻ جو عزم ورجايو ۽ چيو ته پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل قومي ڪوششون ۽ ادارتي هم آهنگي انتهائي ضروري آهي.
ملڪي سلامتي، سيڪيورٽي ۽ شهرين جي تحفظ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي: فيلڊ مارشل
You might also like