ڳريون فيسون وٺندڙ ڊاڪٽرن ۽ مهانگن بيوٽي پارلرن کي به ٽيڪس ڏيڻو پوندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ پروفيشنلز جي آڊٽ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، مختلف شعبن جي آڊٽ لاءِ 600 نجي آڊيٽرز جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ 200 نجي آڊيٽرز کي ڀرتي ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر مجموعي طور تي 2 هزار نجي آڊيٽرز جون خدمتون حاصل ڪندو، جيڪي ٽيڪس ادا ڪندڙن جي معلومات کي ڳجهو رکڻ جا پابند هوندا.
ايف بي آر ذريعن موجب، ڳريون فيسون وٺندڙ ڊاڪٽرن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، جڏهن ته ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ وڏن ڊاڪٽرن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي پهرئين مرحلي ۾ ٽنهي وڏن شهرن ۾ 250 مهانگن ڊاڪٽرن جي آمدني جو آڊٽ ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ 100، 100 ۽ اسلام آباد ۾ 50 ڊاڪٽرز شامل آهن.
ذريعن موجب، وڏن شهرن ۾ مهانگن بيوٽي پارلرن ۽ ڪاسميٽڪس وڪڻندڙن کي پڻ ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، جڏهن ته پينٽ سيڪٽر ۾ ٽيڪس چوري ڪندڙ خانگي ڪمپنين کي به ٽيڪس ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.