ڪراچي ۾مهيني دوران 71 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اي چالان

ڪراچي (رپورٽر) ٽريفڪ پوليس ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران ٿيل اي چالانن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، جن موجب شهر ۾ صرف هڪ مهيني ۾ 71 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا اي چالان ڪيا ويا، ٽريفڪ پوليس موجب ڪراچي ۾ هڪ مهيني اندر ٽريفڪ جي ڀڃڪڙين تي 93 هزار کان وڌيڪ اي چالان جاري ڪيا ويا، انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ 57،541 چالان سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي ڪيا ويا، جڏهن ته 22,227 موٽر سائيڪل سوارن کي هيلمٽ نه پائڻ سبب چالان ڪيو ويو، ٽريفڪ پوليس ٻڌايو ته ڊمپر، ٽرالر ۽ واٽر ٽينڪرن ۾ لڳايل ٽريڪر ذريعي تيز رفتاري تي 1،188 چالان ڪيا ويا، جڏهن ته عام تيز رفتاري تي 2,699 ۽ سگنل جي ڀڃڪڙي تي 3,102 چالان ٿيا، ٽريفڪ پوليس موجب سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 57 ڪروڙ 54 لک 10 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، هيلمٽ نه پائڻ تي 11 ڪروڙ 11 لک 35 هزار رپيا  ڏنڊ ٿيو، جڏهن ته رنگين شيشن وارين گاڏين تي 2 ڪروڙ 94 لک 50 هزار رپين جو ڏنڊ لڳايو ويو.

  1. ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل تي ويٺل سمورن ماڻهن لاءِ هيلمٽ لازمي قرار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ موٽر سائيڪل سوارن کانپوءِ هاڻ پويان ويٺل ماڻهن تي به سخت نگراني شروع ڪئي وئي آهي، ٽريفڪ پوليس جي پڌرائيءَ موجب جيڪڏهن موٽر سائيڪل تي ويٺل پوئين سواري هيلمٽ نه پاتو ته ان تي به اي چالان جاري ڪيو ويندو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه واضح ڪيو ته موٽر سائيڪل تي ويٺل ٻنهي ماڻهن لاءِ هيلمٽ پائڻ لازمي آهي، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ اي چالان ٿيند،. آن لائن رائيڊرز کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي واڌو هيلمٽ ضرور رکن، ٻي صورت ۾ انهن خلاف به ڪارروائي ٿيندي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ موجب هيلمٽ جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ 500 رپيا نه پر 5 هزار رپيا هوندو. ٽريفڪ اختيارين شهرين کي محفوظ سفر لاءِ لازمي طور هيلمٽ استعمال ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.