ڊپٽي ميئر ۽ وائيس چيئرمينن جا اختيار وڌائي رهيا آهيون:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڊپٽي ميئر ۽ وائس چيئرمينن جا اختيار وڌايا پيا وڃن ته جيئن هو وڌيڪ بهتر نموني ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ئي عوامي مسئلن جو حقيقي حل آهي. اهي ڳالهيون هن سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڪانفرنس 2025 ۾ هڪ مقامي هوٽل ۾ خطاب ڪندي ڪيون. ڪانفرنس ۾ لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن پاڪستان جي صدر ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه، لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر گل محمد جاکراني، ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، ميئر سکر ارسلان شيخ ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪانفرنس ۾ جيڪي به تجويزون پيش ڪبيون، تن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايت آهي ته منتخب نمائندن جي مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ۽ ضروري قانون سازي به ڪئي وڃي،هن وڌيڪ چيو ته نئين قانون سازي ذريعي جڏهن نيون بلدياتي چونڊون ٿينديون، تيستائين موجوده چونڊيل نمائندا ئي پنهنجن عهدن تي ڪم ڪندا رهندا ۽ اختيارن جي منتقلي جو عمل جاري رهندو. هاڻي ايڊمنسٽريٽر مقرر نه ڪيو ويندو. سيد ڪميل حيدر شاهه چيو ته  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير يقين ڏياريو آهي ته وائيس چيئرمينن کي وڌيڪ بااختيار ڪيو ويندو.هن چيو ته ميئرز ۽ چيئرمينن جو هر محڪمي ۾ ڪردار رکيو وڃي. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبرن کي نه ٽي اي ڊي اي ملي ٿو ۽ نه ئي ٻيو ڪو الائونس، تنهن ڪري بجيٽ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبرن لاءِ رقم مختص ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.