خيرپور ۾ گهر کي باهه، ٻارڙي ۽ امڙ سڙي فوت

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ريلوي اسٽيشن ڀرسان بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي اوچتو باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ ۽ وقت سر فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ سبب معصوم نينگري امڙ سميت سڙي فوت ٿي وئي، گهر ۾ پيل الهه تلهه به سڙي خاڪ ٿي ويو، خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ريلوي اسٽيشن ڀرسان بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پورهيت سارنگ ناريجو جي گهر کي باھ لڳي وئي ۽ باھ لڳڻ سبب 4 ورهين جي معصوم نينگري شريفان ۽ امڙ مسمات سميرا فوت ٿي ويون، جڏهن ته گھر ۾ پيل هنڌ کٽون بسترا، ٽي وي، فرج، اناج سميت ٻيو لکين رپين جو قيمتي سامان سڙي ويو، سڙي فوت ٿيلن جي لاشن کي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.