اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا الوداعي ملاقات ڪئي آهي. انهي ملاقات ۾ وزيراعظم جنرل ساحر شمشاد مرزا جي پيشه وراڻين صلاحيتن ۽ ملڪ، قوم لاءِ خدمتن جي تعريف ڪئي. جنرل ساحر شمشاد مرزا صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪئي، صدر به جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي سربراهه جي خدمتن کي ساراهيو. ياد رهي ته جنرل ساحر شمشاد مرزا هٿياربند فوج جو 18هون ۽ آخري چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي هوندو. اهو 27 نومبر 2025ع تي پنهنجي نوڪري جو مقرر مدو پورو ڪندو. آئين ۾ 27هين ترميم جي نتيجي ۾ جنرل ساحر شمشاد مرزا کان پوءِ ڪوبه چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي نامزد نه ڪيو ويندو.