ڪنڌڪوٽ/ بخشاپور (رپورٽ: عرفان علي کوسو/ممتاز سنڌي/ زاهد بڊاڻي) بخشاپور ٿاڻي جي حد زرڳڻ واري علاقي ۾ مال چاريندڙ ڌنارٻارڙن جي هٿ لانچر گولو لڳي ويو، راند کيڏڻ دوران بارودي مواد ڦاٽي پيو جنھن سبب ڳوٺ ڏاتو گولو جا 4 معصوم ٻارڙا 16 ورهين جو دين محمد پٽ الله بخش گولو، 12 سالن جو ڪشاوت پٽ مولا بخش گولو، 10 سالن جو ڪالا پٽ رانجھان گولو ۽ 14 سالن جو برڪت پٽ عبدالغفور گولو اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته بابو پٽ ڀورل ۽ طارق پٽ قاسم زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو ۽ علائقي جا ماڻھو گڏ ٿي ويا، مارجي ويل 4 ٻارڙن جا مڙھ وارثن گھر منتقل ڪيا جتي ڪھرام مچي ويو، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ محمد مراد گھانگھرو جو چوڻ ھو ته واقعو افسوسناڪ آھي پوليس علاقي ۾ موجود آھي اھڙي واقعي تي جاچ ھلي رھي آھي، جڏھن ته واقعي واري ھنڌ دستي بم ڌماڪي ۾ اجل جو شڪار ٿيل معصوم ٻارڙن جا ڪپڙا ۽ رت جا نشان مليا، ھوڏانھن معصوم ٻارڙن جي وارثن غلام ياسين گولو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني ناھي اسين پورهيت آھيون اسان سان وڏو ظلم ڪھر ٿيو آھي، ھنن جو چوڻ ھو ته معصوم ٻار گھران ڍور ڪاھي زمينن تان مال چارڻ لاءِ ڍور ساڻ ڪري ٻار زمين تي لٿا ته ڌماڪو ٿي،٠ھنن جو چوڻ ھو ته اسان کي لڳي ٿو ته ھي ڊرون ذريعي بم ھن علائقي ۾ ڪريو آھي جيڪو ٻارڙن مٿان ڪري پيو جنھن ۾ اسان جا 4 ٻارڙا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، اسين پوليس کان انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ ھن معاملي جي صاف شفاف نموني انڪواري جي گھر ڪريون ٿا، 4 ٻارڙن مان 3 ٻارڙن دين محمد،ڪشاوت، برڪت پٽ عبدالغفور گولو جا مڙهه ڳوٺ ڏاتو گولو ۾ جنازھ نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.